پاڪستان ۾ عيد 20 مارچ تي ٿيندي يا 21 ؟ اهم خبر اچي وئي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) شوال المڪرم جو چنڊ ڏسڻ لاءِ مرڪزي چنڊ ڏسڻي ڪميٽي جو اجلاس سڀاڻي ٿيندو، جنهن ۾ چنڊ ڏسڻ جو اعلان ڪيو ويندو.
سڄي ملڪ ۾ شوال المڪرم جو چنڊ ڏسڻ لاءِ مرڪزي چنڊ ڏسڻي ڪميٽي جو اهم اجلاس سڀاڻي خميس (19 مارچ) تي طلب ڪيو ويو آهي.
چنڊ ڏسڻي ڪميٽي جو چيئرمين مولانا عبدالخبير آزاد اجلاس جي صدارت ڪندو، جڏهن ته ڪراچي، لاهور، پشاور ۽ ڪوئيٽا سميت وڏن شهرن ۾ زونل ڪميٽين جا اجلاس پڻ ٿيندا جتي شاهديون گڏ ڪيون وينديون.
مولانا عبدالخبير آزاد جو چوڻ آهي ته ملڪ مان حاصل ٿيل تصديق جوڳيون شاهدين جو تفصيلي جائزو وٺڻ کانپوءِ ئي عيد جو باظابطا اعلان ڪيو ويندو.
جيڪڏهن سڀاڻي چنڊ نظر اچي ويو ته پاڪستان ۾ عيد الفطر جمعي ڏينهن (20 مارچ) تي ٿيندي، جڏهن ته موسميات کاتي موجب، عيد 21 مارچ تي ٿيڻ جو امڪان آهي.
ٻئي پاسي سعودي عرب ۾ به اڄ 18 مارچ تي شوال جو چنڊ ڏسڻ لاءِ اجلاس طلب ڪيو ويو آهي، جڏهن ته گڏيل عرب امارتن ۾ به اڄ چنڊ ڏٺو ويندو.
فلڪياتي ماهرن موجب، يو اَي اِي ۾ عيد الفطر 20 مارچ تي ٿيڻ جو امڪان آهي، جنهن جو حتمي فيصلو اڄ رات جو شاهدين کانپوءِ ڪيو ويندو.
اماراتي حڪومت سيڪيورٽي سبب اعلان ڪيو آهي ته عيد نماز رڳو مسجدن اندر ادا ڪئي ويندي، کليل هنڌن تي اجتماعن جي اجازت نه هوندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.