ممبئي(ويب ڊيسڪ) آءِ سي سي مينز ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ 2026ع جي فاتح ڀارتي ڪپتان سوريا ڪمار يادَو چيو آهي ته پڙهائي ۾ صفا ڏڏُ هئس، اسڪول ۽ ڪاليج ۾ جيڪا پرسنٽيج حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو هئس، هاڻي اِها ڪرڪيٽ ۾ کڻي رهيو آهيان.
پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب،مقامي ميڊيا کي ڏنل انٽرويو ۾ هن چيو ته والدين کيس پڙهائڻ جي ڏاڍي ڪوشش ڪئي، پر جلد ئي سمجهي ويا ته هن جو ڌيان پڙهائي ۾ ناهي.
هن چيو ته 2024 ۽ 2026 وارين ٽيمن ۾ معمولي فرق هو، 2024 واري ٽيم تجربيڪار هئي جڏهن ته 2026 جي ٽيم جوش ۽ جذبي سان ڀرپور هئي.
سندس چوڻ هو ته رانديگرن کي اهو ٻڌائڻ ضروري آهي ته ڀارت ۾ ورلڊ ڪپ کٽڻ جو احساس ڇا هوندو آهي ۽ ڪيئن اسٽيڊيم ۾ هزارين ماڻهو توهان جي فتح تي خوشي جو اظهار ڪندا آهن.
You might also like