اسلام آباد(حامد مير)ايران جي خلاف اسرائيل ۽ آمريڪا جي بناجواز جارحيت کان پوءِ دنيا ۾ بين الاقوامي قانون ختم ٿي چڪو آهي. اقوام متحده غير مؤثر ٿي وئي آهي ۽ جيڪو ڪنهن وٽ طاقت آهي، اهو ڪمزورن سان ظلم ۽ زيادتي ڪرڻ لاءِ آزاد ٿي چڪو آهي.
اسرائيل ۽ آمريڪا دنيا کي هڪ غير محفوظ جاءِ بڻائي ڇڏيو آهي.اڳوڻي پرڏيهي سيڪريٽري اعزاز چوڌري چيو ته گڏيل قومن جو ادارو هڪ پليٽ فارم آهي جيڪي ميمبر ملڪ آهن اهي ئي ان کي نه هلڻ ڏين ته پوءِ اهو ڪيئن هلندو؟آمريڪا ويٽو جي طاقت رکي ٿو،هر ڀيري غلط نموني ويٽو جو استعمال ڪري ڇڏي ٿو،آمريڪا پنهنجي هٿن سان اقوام متحده کي زخمي ڪري ڇڏيو آهي،عالمي قانون به ختم ڪري ڇڏيا،بدقسمتي سان عالمي سطح تي اهڙو ڪو نظام ناهي جيڪو آمريڪا ۽ اسرائيل کي اهڙن ظلمن کان روڪي سگهي