ملڪ رياض کان پلاٽ ۽ اپارٽمينٽ وٺندڙن جي لسٽ وڏي آهي: راڻا ثناءُ الله

اسلام آباد (عوامي آواز رپورٽ) وزيراعظم جي سياسي معاملن واري صلاحڪار سينيٽر راڻا ثناءُ الله خانگي ٽي وي سان ڳالهائيندي چيو آهي ته عمران خان جي پٽن کي پنهنجي والد سان جيل ۾ ملڻ جو پورو حق آهي ۽ کين ويزا ملڻ گهرجي. هن چيو ته وزيراعظم سان اڃا ويزا بابت رابطو ناهي ٿيو، پر جيڪڏهن ٿيو ته وزيراعظم ان تي ضرور غور ڪندو. پر هن اهو به چيو ته جيڪڏهن عمران خان هن ملاقات کي رياست خلاف بيانيي طور استعمال ڪندو ته پوءِ هو بند ئي رهندو، ڇو ته سياست ۾ اهڙو کلاڙي اچي ويو آهي جيڪو ڪنهن سان هٿ ملائڻ لاءِ تيارناهي. ملڪ رياض بابت ڳالهائيندي هن چيو ته پاڪستان جي ڪيترن ئي وڏن ماڻهن ملڪ رياض کان پلاٽ ۽ اپارٽمينٽس ورتا آهن. هن ملڪ رياض جي ان ڳالهه جي تعريف ڪئي ته هن ڪڏهن به انهن فائدن جو ذڪر عوام ۾ ناهي ڪيو. وزيراعظم جي سياسي معاملن واري صلاحڪار راڻا ثناءُ الله پنجاب حڪومت پاران 11 ارب رپين جي نئين جهاز جي خريداري جو دفاع ڪندي چيو آهي ته اهو جهاز عوام جي پئسن مان ورتو ويو آهي ۽ عوام جو ئي اثاثو آهي. هن چيو ته پنجاب حڪومت عوام کي 40 ارب رپين جي عيدي (ريليف) ڏني آهي، تنهنڪري جهاز بابت پروپيگنڊا بي بنياد آهي. راڻا ثناءُ الله چيو ته ڇا اسان گاڏيون ڇڏي هاڻي خچر ۽ گڏهه خريد ڪريون يا پيادل هلڻ شروع ڪريون؟ هن وڌيڪ چيو ته حڪومتي معاملن کي بهتر طريقي سان هلائڻ لاءِ جديد سهولتون ضروري آهن ۽ جيڪڏهن جهاز کي ڊگهو وقت هلائڻو آهي ته جديد ماڊل ئي وٺڻو پوندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.