ٻارن ۽ نمازين جا قاتل مريضن جو قتلام ڪري عالمي همدردي لاءِ پاڪستان تي الزام لڳائي رهيا آهن: خواجا آصف

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) بچاءَ واري وزير خواجه محمد آصف افغان طالبان حڪومت طرفان پاڪستان تي مڙهيل ڪوڙا ۽ بي بنياد الزام رد ڪندي سخت ردعمل ظاهر ڪيو آهي.
سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ايڪس تي جاري ڪيل بيان ۾ خواجه آصف چيو ته اسڪولي ٻارن ۽ مسجدن ۾ نمازين جا قاتل پَڪ سان اسپتالن ۾ داخل ٿي مريضن کي به قتل ڪري سگهن ٿا ۽ پوءِ عالمي همدردي حاصل ڪرڻ لاءِ پاڪستان تي الزام لڳائڻ جي صلاحيت رکن ٿا.
ان کان اڳ خانگي ٽي وي چئنل جي پروگرام ۾ ۾ ڳالهائيندي سُڌ سماءُ واري وفاقي وزير عطا تارڙ جو چيو ته افغان طالبان حڪومت کي فيصلو ڪرڻو پوندو ته هو دهشتگردن سان گڏ آهي يا پاڪستان سان.
هن چيو ته پاڪستان ۾ دهشتگردي جا پيرا افغانستان سان ملن ٿا، افغانستان ۾ دهشتگردن يا افغان طالبان جي ٿاڪن کي نشانو بڻايو ويو، پاڪستان جو موقف واضح آهي ته دهشتگردن جا ٺڪاڻا ختم ڪيا وڃن.
سندس چوڻ هو ته افغان طالبان اسپتال تي حملي جو ڪوڙو بيانيو ٺاهڻ جي ڪوشش ڪئي، جڏهن ته جنهن جاءِ تي حملو ڪيو ويو اتي ايمونيشن موجود هو، ڌماڪا ان ڳالهه جو ثبوت آهن، آپريشن غضب للحق جا هدف واضح آهن.
واضح رهي ته گذريل ڏينهن پاڪستان ڪابل ۽ ننگرهار ۾ ڪامياب فضائي حملا ڪيا ۽ ايمونيشن ۽ ٽيڪنيڪل انفراسٽرڪچر تباهه ڪيو.
افغان گهرو کاتي جي ترجمان ان کان اڳ دعويٰ ڪئي هئي ته منشيات جي عادي ماڻهن جي بحالي واري مرڪز تي حملي ۾ 400 ڄڻا مارجي ويا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.