عيد جي احترام ۾ آپريشن غضب لِلحق عارضي طور روڪيو ويو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) عيدالفطر جي احترام ۾ آپريشن غضب لِلحق عارضي طور روڪيو ويو آهي.
سڌ سماءُ واري وفاقي وزير عطا تارڙ جو چوڻ آهي ته عيدالفطر کي نظر ۾ رکندي آپريشن روڪڻ جو فيصلو ڪيو ويو.
هن چيو ته عيدالفطر جي احترام ۽ برادر اسلامي ملڪن جي درخواست تي ڪارروائيون روڪيون ويون آهن.
سندس چوڻ هو ته سعودي عرب، ترڪي ۽ قطر جي درخواست تي ڪارروائيون روڪيون ويون آهن ۽ آپريشن اڄ رات کان 23 ۽ 24 مارچ جي وچ واري رات تائين بند رهندو.
هن وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن هن عرصي دوران سرحد پار حملو، دهشتگردي يا ڊرون حملو ٿيو ته آپريشن ٻيهر وڌيڪ شدت سان شروع ڪيو ويندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.