افغان طالبان کي پاڪستان خلاف استعمال ٿيندڙ ڊرون ڀارت ڏئي رهيو آهي: ڊي جي آءِ ايس پي آر

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ڊي جي آءِ ايس پي آر ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف چوڌري چيو آهي ته ڪابل ۾ افغان طالبان جو گولا بارود، هٿيار ۽ ڊرون جهازن جو ڊپو هدف هو.
خانگي ٽي وي چئنل جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو ته گولا بارود ڦاٽڻ سبب جيڪي ڌماڪا ٿيا، اُهي سڄي شهر ڏٺا.
سندس چوڻ هو ته شهرين جي مارجڻ بابت پروپئگينڊا غلط آهي، طالبان جا گهڻي ڀاڱي ويڙهاڪ وردي بدران سويلين ڊريس ۾ هوندا آهن.
ڊي جي آءِ ايس پي آر موجب، طالبان منشيات جي عادين کي آپگهاتي حملن لاءِ به استعمال ڪن ٿا.
هن چيو ته پاڪستان خلاف استعمال ٿيندڙ ڊرون افغان طالبان کي ڀارت فراهم ڪري رهيو آهي.
سندس چوڻ هو ته پاڪستان جي افغان عوام سان ڪا جنگ ناهي، عوام دهشتگردن يوٽ رغمال بڻيل آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.