ايران ۾ غدار ڀريل،قيادت کي محتاط رهڻ جي ضرورت

تهران(عوامي آواز نيوز)تجزئي نگاراحمد حسن العربي چيو آهي ته ايران جي حڪومت کي ڏسڻو پوندو ته ان جا بهترين دماغ هر هنڌ ۽ پنهنجي گهرن ۾ موجود آهن، ۽ ايتري هاءِ ليول اسرائيل ۽ آمريڪا جي موجودگي ۽ هر گهڙي نگراني هيٺ آهي.ان جو نقصان صرف ايران کي ناهي پوي رهيو،پر سڄي خطي تي اثر پوي ٿو،هن چيو ته هاڻي به ايرانين کي گهرجي ته فوري ۽ سنجيده قدم کڻن.ايران جي اڳوڻي صدر احمدي نزاد چيو هو ته جڏهن صدر طور هن اسرائيل تي نظر رکڻ لاءِ سيٽ اپ ٺاهيو، ته پوءِ معلوم ٿيو ته ان جو سربراهه ۽ سڀئي ڪمانڊرز موساد سان ڳنڍيل هئا.ايران کي هن خطري کي هلڪي نظر سان نه وٺڻ گهرجي هن چيو ته مسلمان ملڪن کي هاڻي او آءِ سي تي نه ڀاڙڻ گهرجي، پر يورپي يونين جي طرز تي گڏ ٿيڻ گهرجي.پراڻو سيٽ اپ هاڻي مڪمل طور ختم ٿي چڪو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.