چيئرمين سينيٽ جي گاڏي جي خريداري بابت سينيٽ سيڪريٽريٽ جي وضاحت

اسلام آباد (بيورو) چيئرمين سينيٽ يوسف رضا گيلاني لاءِ خريد ڪيل نئين گاڏي بابت اٿندڙ سوالن تي سينيٽ سيڪريٽريٽ وضاحت جاري ڪري ڇڏي آهي. ترجمان موجب، گاڏي جي ادائيگي مئي 2025ع ۾ مالي سال 25-2024 جي بجيٽ مان ڪئي وئي هئي، جڏهن ته ان جي ڊليوري مارچ 2026ع ۾ ٿي آهي. وضاحت ۾ چيو ويو آهي ته هيءَ خريداري هڪ شفاف عمل تحت گاڏين جي تبديلي واري ان منصوبي جو حصو هئي، جنهن تحت ڊپٽي چيئرمين، قائدِ ايوان، قائدِ حزبِ اختلاف، قائما ڪميٽين جي چيئرمينن ۽ سينيٽ سيڪريٽريٽ کي به نيون گاڏيون فراهم ڪيون ويون آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.