اسرائيل پاران علي لاريجاني کي نشانو بڻائڻ جي دعويٰ، اتحادين جي ضرورت ناهي: ٽرمپ

 واشنگٽن/تل ايبب/تهران(ع آ نيوز) اسرائيلي فوج دعويٰ ڪئي آهي ته هن ايران جي سپريم نيشنل سيڪيورٽي ڪائونسل جي سيڪريٽري علي لاريجاني ۽ بسيج فورس جي ڪمانڊر غلام رضا سليماني کي نشانو بڻايو آهي.جڏهن ته ايراني اختيارين هن جي ترديد ڪئي آهي.اسرائيلي پرڏيهي وزير گيدون سار چيو آهي ته ايراني حڪومت جو تختو رڳو ايراني عوام ذريعي ئي اونڌو ڪري سگهجي ٿو. هن چيو ته اسان اڳ ئي کٽي چڪا آهيون، ايران ڊرامائي طور هيڻو ٿي چڪو آهي، ايران سان جنگ اسان جو مشن مڪمل ٿيڻ تائين جاري رهندي. اسرائيليپرڏيهي وزير وڌيڪ چيو ته لبناني حڪومت مان اميد آهي ته هو لبنان مان اسرائيل تي ٿيندڙ حملا روڪيندي. ايران طرفان اسرائيل تي نون حملن ۾ سائبر ٽيڪ مرڪزن ۽ پوليس جي هٿيار ٺاهڻ واري ڪارخاني کي نشانو بڻايو ويو آهي. ايراني فوج موجب، صبح کان جاري ڊرون حملن دوران صهيوني حڪومت جي هٿيار ٺاهڻ واري ڪمپليڪس کي نشانو بڻايو ويو.ايران جي انٽيليجنس وزارت طرفان سوين اسٽارلنڪ ڊوائيسز ضبط ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي وئي آهي ايران جي سرڪاري ميڊيا، موجب انٽيليجنس وزارت طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي ته هن ”دشمن جي طرفان موڪليل سوين اسٽارلنڪ ڊوائيسز ضبط ڪيون آهن.“ بيان ۾ چيو ويو آهي ته ملڪي قانون تحت اسٽارلنڪ ڊوائيسز حاصل ڪرڻ ۽ استعمال ڪرڻ ڏوهه آهي ۽ جنگ دوران ائين ڪندڙن کي سڀ کان سخت سزا ڏني ويندي. اسرائيل طرفان ايراني سڪيورٽي ڪائونسل جي سربراهه اڳواڻ علي لاريجاني کي نشانو بڻائڻ جي دعويٰ کانپوءِ هاڻي ايراني ميڊيا ۽ علي لاريجاني جي سوشل ميڊيا اڪائونٽن تي هٿ سان لکيل هڪ پيغام گردش ڪري رهيو آهي. علي لاريجاني جي ٽيليگرام ۽ ايڪس اڪائونٽن تي شايع ٿيل هن تصويري پيغام ۾ وقت ۽ تاريخ لکيل ناهي، اسرائيلي بچاءَ واري وزير اسرائيل ڪاٽز دعويٰ ڪئي آهي ته اسرائيلي حملن ۾ ايران جي سيڪيورٽي چيف علي لاريجاني کي قتل ڪيو ويو آهي. مزاحمتي تنظيم حزب الله تل ابيب جي ڏاکڻي علائقي ۾ قائم اسرائيلي فوجي اڏي تي ميزائل حملن جي وڊيو جاري ڪئي آهي. حزب الله موجب، اسرائيل جي پالماخيم ايئربيس تي 3 مارچ تي ڪروز ميزائل سان حملو ڪيو ويو جڏهن ته 15 مارچ تي ساڳئي ايئربيس تي بيلسٽڪ ميزائل سان حملو ڪيو ويو. ايراني انقلابي گارڊ ڪور اعلان ڪيو آهي ته هن آپريشن واعدي صادق  4′ تحت حملي جي 58 هين لهر ۾ اسرائيل ۽ علائقي ۾ آمريڪي فوجي اڏن تي وڏي پيماني تي ميزائل ۽ ڊرون حملا ڪيا آهن. انقلابي گارڊز جي بيان موجب، وڏي پيماني تي آپريشن صبح جو شروع ڪيو ويو ۽ ان جو نالو رمضان جنگ جي شهيد ٻارن جي نالي تي رکيو ويو.بيان ۾ چيو ويو آهي ته حملي خاص طور تي مناب اسڪول واقعي جي متاثرين ۽ تازي تڪرار ۾ مارجي ويل ٽن ڏينهن جي ٻار مجتبيٰ جي ياد ۾ ڪيا ويا. محافظن جي مطابق، آپريشن ۾ انتهائي درست ۽ ڳرا ميزائل استعمال ڪيا ويا، جن ۾ 2 ٽن وار هيڊ سان ليس خرمشهر ميزائل، ڪيترن ئي وار هيڊ سان گڏ قدر ميزائل، ترقي يافته فتح ۽ خيبر شڪن ميزائل شامل آهن. انقلابي گارڊز چيو ته حملي ۾ قبضي هيٺ علائقن جي اتر ۽ مرڪزي حصن ۾ ڪيترن ئي هدفن کي نشانو بڻايو ويو، جن ۾ نهاريا، بيت شمش، تل ابيب ۽ اولهه يروشلم شامل آهن. بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته آپريشن ۾ علائقي ۾ آمريڪي فوجي اڏن کي به نشانو بڻايو ويو. آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته ايران کان ايٽمي خطري کي ختم ڪرڻ ضروري هو، پر اسان اڃا تائين خطي مان نڪرڻ لاءِ تيار نه آهيون. اوول آفيس ۾ صحافين سان ڳالهائيندي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو ته آمريڪا کي وچ اوڀر جي ٻين ملڪن کان وڏي مدد ملي آهي پر نيٽو کان مدد نه ملي آهي، برطانوي وزيراعظم اسٽارمر تعاون نه ڪيو آهي. آمريڪي صدر ٽرمپ چيو ته برطانوي وزيراعظم "اسان جي فتح کان پوءِ ٻه جهاز ڪيريئر موڪلڻ لاءِ تيار هو. مون کي لڳي ٿو ته برطانوي وزيراعظم هڪ سٺو ماڻهو آهي، پر مان مايوس آهيان.” آمريڪي صدر چيو ته ايران هڪ خطرو هو، هر ملڪ کي احساس ٿيو ته ايران ڪيترو وڏو خطرو هو، اهو تمام ضروري هو ته اهي ايران کان ايٽمي خطري کي ختم ڪن. اسان اڃا تائين خطي مان نڪرڻ لاءِ تيار نه آهيون، پر اسان تمام جلد هليا وينداسين. هن وڌيڪ چيو ته اسان کي ڪنهن به مدد جي ضرورت ناهي، پر نيٽو هڪ بيوقوف غلطي ڪري رهيو آهي، اسان کي نيٽو جي ضرورت ناهي، پر انهن کي علائقي ۾ هجڻ گهرجي ها.صحافين صدر ٽرمپ کان آمريڪي نيشنل ڪائونٽر ٽيررازم ايجنسي جي ڊائريڪٽر جو ڪينٽ جي استعيفيٰ بابت پڇيو. جنهن تي ٽرمپ جواب ڏنو، "مون جو ڪينٽ جو بيان پڙهيو آهي، مون هميشه سوچيو ته هو هڪ سٺو ماڻهو هو، مون هميشه سوچيو ته جو ڪينٽ سيڪيورٽي جي معاملن تي ڪمزور هو، جڏهن مون جو ڪينٽ جو بيان پڙهيو، مون کي احساس ٿيو ته اهو سٺو هو ته هو هليو ويو.”

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.