افغانستان پاران 400 ماڻهو مارجڻ جي دعويٰ، پاڪستان جي ترديد

اسلام آباد/ڪابل(عوامي آواز نيوز)ڪابل ۾ هڪ فارنزڪ ليبارٽري جي ذريعن بي بي سي کي ٻڌايو آهي ته شهر ۾ منشيات جي عادي ماڻهن جي بحالي مرڪز تي ٿيل فضائي حملي ۾ 100 کان وڌيڪ ماڻهو مارجي ويا آهن۔افغانستان ۾ طالبان حڪومت جي ترجمان سوشل ميڊيا تي لکيو آهي ته هي مرڪز سومر جي شام نشانو بڻايو ويو، ۽ طالبان حڪومت دعويٰ ڪري ٿي ته اهو حملو پاڪستان طرفان ڪيو ويو آهي۔ٻئي پاسي پاڪستان هن الزام کي رد ڪندي چيو آهي ته سومر جي شام ڪيل فضائي ڪارروائين ۾ ڪابل ۽ اوڀر افغانستان جي صوبي ننگرهار ۾ فوجي تنصيبات ۽ "دهشتگردن جي مرڪزن” کي نشانو بڻايو ويو آهي۔افغان وزارت صحت جي ترجمان شرافت زمان امرخيل بي بي سي کي ٻڌايو ته حملي واري هنڌ جي ويجهو ڪا به فوجي تنصيب موجود نه هئي۔طالبان عملدارن موجب هن مرڪز ۾ لڳ ڀڳ 2000 ماڻهو علاج هيٺ هئا۔ طالبان جي نائب ترجمان حمدالله فطرت سوشل ميڊيا تي دعويٰ ڪئي ته مارجي ويلن جو انگ 400 آهي ۽ 250 ماڻهو زخمي ٿيا آهن، پر بي بي سي هن دعويٰ جي آزادي سان تصديق نه ڪري سگهي آهي،ٻئي پاسي پاڪستان جي سڌ سماءَ واري وزير عطا الله تارڙ چيو آهي ته پاڪستاني فوج ڪابل ۽ ننگرهار ۾ انهن هنڌن کي نشانو بڻايو، جتي دهشتگردي سان لاڳاپيل تنصيبات ۽ مرڪز” موجود هئا، جيڪي طالبان حڪومت جي سرپرستي ۾ هلندا هئا۔هن چيو ته ڪابل ۾ ٻن هنڌن تي ٽيڪنيڪل سهولتن ۽ هٿيارن جي ذخيرن کي تباهه ڪيو ويو، ۽ حملي کان پوءِ ٿيندڙ ڌماڪا به اهو ظاهر ڪن ٿا ته اتي بارودي مواد رکيل هو۔پاڪستاني فوجي ذريعن مطابق، ننگرهار ۾ به چار اهڙا مرڪز تباهه ڪيا ويا جتي دهشتگردي سان لاڳاپيل سرگرميون هلنديون هيون۔تازن هفتن ۾ پاڪستان ۽ افغانستان وچ ۾ ڇڪتاڻ ٻيهر وڌي وئي آهي۔ پاڪستان الزام لڳائي ٿو ته افغانستان دهشتگرد گروپن کي پناهه ڏئي ٿو، جڏهن ته طالبان حڪومت هن الزام کي رد ڪري ٿي، ٻئي پاسي آپريشن “غضب للحق” ۾ پاڪ فوج طرفان افغان طالبان ۽ “فتنه الخوارج” خلاف ڪارروايون جاري آهن۔سيڪيورٽي ذريعن موجب طورخم سيڪٽر ۾ پاڪ فوج افغان طالبان جي هڪ پوسٽ کي نشانو بڻايو، جنهن جي نتيجي ۾ اها پوسٽ مڪمل طور تباهه ٿي وئي۔ذريعن جو چوڻ آهي ته پاڪ فوج پنهنجي هدف حاصل ٿيڻ تائين افغان طالبان ۽ “فتنه الخوارج” جي ٺڪاڻن ۽ فوجي تنصيبات تي حملا جاري رکندي۔ان کان اڳ 16 مارچ جي رات پاڪ فوج ڪابل ۽ ننگرهار ۾ افغان طالبان جي فوجي تنصيبات کي ڪاميابي سان نشانو بڻايو هو۔سيڪيورٽي ذريعن مطابق انهن حملن دوران پاڪ فوج ڪابل ۾ ٻن هنڌن تي ٽيڪنيڪل سپورٽ انفراسٽرڪچر ۽ هٿيارن جي ذخيرن (ايمونيشن اسٽوريج) کي مؤثر طريقي سان تباهه ڪيو۔

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.