اسلام آباد(بيورو)وفاقي وزير اطلاعات عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته افغان طالبان حڪومت جو اهو الزام ته پاڪستان ڪابل ۾ منشيات جي بحالي واري اسپتال کي نشانو بڻايو، مڪمل طور تي غلط ۽ بي بنياد آهي۔پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته افغان طالبان جو اهو دعويٰ سراسر ڪوڙو آهي، ۽پاڪستان دهشتگردي خلاف جاري جنگ ۾ صرف فوجي ۽ دهشتگرد هدفن کي نشانو بڻائي رهيو آهي۔هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان افغان طالبان جي بنيادي ڍانچي کي نشانو بڻائي رهيو آهي، خاص طور تي اهي هنڌ جتي پاڪستان اندر دهشتگرد حملن جي منصوبابندي ۽ سهولت فراهم ڪئي ويندي آهي۔عطا الله تارڙ موجب 16 مارچ جي رات ڪابل ۽ ننگرهار ۾ ڪيل حملا انتهائي پيشاورانه هئا، ۽ ڪنهن به اسپتال، منشيات جي بحالي مرڪز يا ڪنهن شهري سهولت کي نشانو نه بڻايو ويو۔هن چيو ته هدفن ۾ فوجي ۽ دهشتگردي سان لاڳاپيل بنيادي ڍانچو شامل هو، جهڙوڪ هٿيارن ۽ ٽيڪنيڪل سامان جا ذخيرا۔ سڀئي ڇهه حملا ٿيڻ کان پوءِ وزارت اطلاعات طرفان وڊيوز ۽ تصويرون به ميڊيا کي فراهم ڪيون ويون۔سندس چوڻ هو ته مهيا ڪيل وڊيوز ۽ تصويرون واضح ڪن ٿيون ته ڪابل ۾ لڳل باهه جا شعلا ان ڳالهه جي تصديق ڪن ٿا ته گولابارود جي ذخيرن کي نشانو بڻايو ويو۔