حيدرآباد (رپورٽر) حيدرآباد جي علائقي قاسم آباد فيز 1، بلاڪ سي ۾ بجلي جي شارٽ سرڪٽ سبب هڪ گهر ۾ لڳل خوفناڪ باهه ۾ ماءُ، پٽ ۽ ڌي سڙي فوت ٿي ويا آهن. ريسڪيو ذريعن موجب، باهه علي پيلس ويجهو گهر نمبر 183 ۾ صبح جو سوير 7 وڳي ڌاري لڳي، جنهن وقت سڄو خاندان روزو رکڻ کانپوءِ سمهي پيو هو. باهه ۽ دونهين سبب 50 سالن جي مريم زال محمد نديم صديقي، سندس 22 سالن جي ڌي عيفه ۽ 18 سالن جو پٽ شافع سڙي فوت ٿي ويا. گهرڌڻي محمد نديم صديقي، جيڪو مقامي بلڊر ٻڌايو پيو وڃي، ٻاهر نڪري پنهنجي جان بچائڻ ۾ ڪامياب ٿيو. ريسڪيو عملي ٻن ڪلاڪن جي ڪوششن بعد لاش ڪڍي سول اسپتال منتقل ڪيا. هن وقت علائقي ۾ شديد ڏک ۽ سوڳ واري لهر پکڙيل آهي.