ڪراچي(رپورٽر) ڪراچي ۾، ايف آءِ اي بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ملير ۽ ڪورنگي جي آفيسن تي ڇاپو هنيو ۽ ڪيترائي اهم رڪارڊ ۽ ثبوت قبضي ۾ ورتا. ايف آءِ اي ترجمان موجب، پروگرام ۾ مبينا ڪرپشن جي سلسلي ۾ ڇاپو هنيو ويو. ايف آءِ اي ترجمان موجب، ڇاپي دوران اهمرڪارڊ ۽ ثبوت ضبط ڪيا ويا. هٿ ڪيل شين ۾ موبائل فون، ليپ ٽاپ ۽ دستاويز شامل آهن.ترجمان موجب، غير قانوني ڪٽوتين بابت لڪيل شڪايتون به هٿ ڪيون ويون.ايف آءِ اي ترجمان چيو ته ڪجهه مستحقين جا ڊيٿ سرٽيفڪيٽ به قبضي ۾ ورتا ويا آهن. ايف آءِ اي ترجمان موجب، شروعاتي ثبوت ظاهر ڪن ٿا ته هڪ منظم گروهه مستحقين جو استحصال ڪري رهيو هو.