ڪراچي (رپورٽر) سنڌ پوليس ۾ افغاني شهرين جي مبينا ڀرتي ٿيڻ جو ڇرڪائيندڙ انڪشاف ٿيو آهي، جنهن تي ڊي آءِ جي اسٽيبلشمينٽ ڪيپٽن پرويز احمد چانڊيو آءِ جي سنڌ کي خط لکي اعليٰ سطحي جاچ جو مطالبو ڪيو آهي. خط ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته 2016 کان 2018 دوران ڪجهه اهلڪار ڪوڙن ڊوميسائيلن ذريعي ڀرتي ٿيا آهن، جيڪي هن وقت ڪراچي ۽ صوبي جي ٻين حصن ۾ ڊيوٽي ڪري رهيا آهن. ڊي آءِ جي درخواست ڪئي آهي ته هڪ خاص ڪميٽي جوڙي وڃي جيڪا انهن ڪيسن جو جائزو وٺي ۽ هڪ مهيني اندر تفصيلي رپورٽ جمع ڪرائي ته جيئن ضابطن موجب ڪارروائي ڪري سگهجي.