پيرس ڪميون؛ جديد دور جو پهريون ڪميونسٽ انقلاب

تحرير: گل محمد منگي

اوڻويهين صدي يورپ ۾ انقلابن جي صدي سڏي ويندي آهي، ۽ جيڪي به انقلاب آيا سي سڀ بادشاهتن ۽ مطلق العنان حڪمرانن خلاف آيا۔ ان جو بنياد 1789ع جي فرانسيسي انقلاب رکيو، جنهن ۾ عوام پهريون ڀيرو بادشاهه لوئي چوڏهين ۽ راڻي کي ڦاسي ڏئي ڇڏي هئي۔ پر اڳواڻن جي لالچ ۽ اقتدار جي ڇڪتاڻ سبب آخرڪار هن عظيم انقلاب جو انجام به 1799ع ۾ لوئي بوناپارٽ جي صورت ۾ وري مطلق العنان بادشاهت جي شڪل ۾ ظاهر ٿيو۔ تنهن هوندي به فرانس جي عوام ان کي ڪڏهن به دل سان قبول نه ڪيو۔

فرانسيسي انقلاب ۾ روسو ۽ والٽيئر جي نظرين ۽ فڪر اهم ڪردار ادا ڪيو ۽ ماڻهن ۾ شعور جي نئين لهر پيدا ڪئي۔ خاص طور تي روسو جي هيءَ ڳالهه عام ٿي وئي ته جيڪڏهن ڪو اسٽيج تي بيهي منهنجي ڪردار ڪشي به ڪري رهيو هجي ۽ ڪو ماڻهو وڃي کيس روڪڻ لڳي ته مان ان ڪردار ڪشي ڪندڙ شخص جي اظهارِ راءِ جي آزادي لاءِ پنهنجي جان به ڏيئي ڇڏيندس

ـ فرانسيسي انقلاب ۾ کاٻي ڌر جي ڪارڪنن، خاص طور تي گروندين نالي تنظيم اهم ڪردار ادا ڪيو، پر هن انقلاب جا سڀ فائدا اثر رسوخ رکندڙ اڳواڻن، جاگيردارن ۽ سرمائيدارن کي مليا، جڏهن ته هيٺيون طبقو انقلاب جي ڦل کان محروم رهيو۔ انهن محرومين جو نتيجو اهو نڪتو جو 1871ع ۾ جديد دور جو پهريون ڪميونسٽ انقلاب برپا ٿيو، جنهن کي دنيا اڄ پيرس ڪميون جي نالي سان سڃاڻي ٿي۔ جيتوڻيڪ پيرس ڪميون ۾ هڪ به مارڪسوادي سڌي طرح شامل نه هو، ۽ ڪارل مارڪس جو پيرس ڪميون بابت پهريون بيان اهو هو ته: پيرس ڪميون انارڪسٽن لاءِ شمشان گهاٽ ثابت ٿيندو. پر جڏهن کيس پيرس مان سندس دوست ۽ روسي صحافي ايليزبيٿ دمتريف جا خط ۽ تار ملڻ شروع ٿيا ته سندس خيال بدلجڻ لڳا، ۽ آخرڪار پنهنجي مشهور تحرير سول وار اِن فرانس ۾ کيس پيرس ڪميون کي جديد دور جو پهريون ڪميونسٽ انقلاب چوڻو پيو۔ ڇو ته هن عظيم انقلاب ڪميونزم جون تقريباً سڀ شرطون پوريون ڪري ڇڏيون هيون۔

18 مارچ 1871ع تي پيرس ڪميون جي قيام کان اڳ يورپ جا جاگيردار ۽ سرمائيدار پنهنجن مخالفن، يعني کاٻي ڌر جي انارڪسٽ ۽ ڪميونسٽ انقلابين کي يوٽوپيا/خيال پرست سڏيندا هئا ۽ چوندا هئا ته جنهن نظام جي توهان ڳالهه ٿا ڪريو، ان جو عملي مثال دنيا جي ڪنهن هڪ ڪنڊ ۾ ته ڏيکاريو۔ ان وقت کاٻي ڌر جا انقلابي خاموش ٿي ويندا هئا، ڇو ته اهڙو ڪو نظام عملي طور موجود نه هو۔ ان وقت پيرس جي انقلابين پيرس ڪميون جي صورت ۾ جديد دور جو پهريون ڪميونسٽ انقلاب برپا ڪري انهن سڀني طعنن جو جواب ڏئي ڇڏيو۔ هاڻي اهي فخر سان چوندا هئا ته هي آهي سندن نظام، جنهن جو نالو ڪميون آهي۔ نتيجي طور کين چيلينج ڪندڙ خاموش ٿي ويا۔

11 جنوري 1870ع تي جڏهن ممتاز صحافي وڪٽر نائر کي بادشاهه جي ڀاءُ پرنس پائر بوناپارٽ پنهنجي محل ۾ گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو ته سڄي فرانس ۾ بادشاهت خلاف غم ۽ غصي جي لهر پکڙجي وئي۔ عظيم انقلابي خاتون انارڪسٽ لوئس مشعل انقلابي ڪارڪنن جي اجتماع ۾ اعلان ڪيو ته هوءَ شهزادي پائر نيپولين تي حملو ڪري کيس قتل ڪرڻ جو ارادو رکي ٿي۔ پر پيرس ڪميون جي معمار ۽ عظيم انقلابي ايليس ريڪلس کيس روڪي ڇڏيو، جنهن کان پوءِ هن پنهنجو ارادو تبديل ڪيو۔

جرمني هٿان فرانس جي شڪست ۽ فرانس تي جرمن قبضي کان پوءِ فوج خلاف سخت ردعمل پيدا ٿيو۔ ان جو اثر خاص طور تي پيرس جي هٿياربند نيشنل گارڊز تي ٿيو، جيڪي اڳ ئي انقلابين سان ڳنڍجي چڪا هئا ۽ هاڻي جرمن فوج کي ڪڍڻ لاءِ بي تاب هئا۔ آخرڪار اهو ڏينهن اچي ويو جڏهن پيرس جي انقلابين بغاوت جو علم بلند ڪيو۔ باڪونن پنهنجي ٿيسز ۾ لکيو: پيرس ڪميون صرف شروعات آهي، هاڻي هي انقلاب رڪجڻ وارو ناهي. ڪارل مارڪس لکي ٿو ته 18 مارچ 1871ع جي صبح جڏهن پيرس جا شهري جاڳيا ته سندن ڪنن ۾ ڪميون زنده آباد جا نعرا گونجي رهيا هئا۔ شهرين سمورا اختيار پنهنجي هٿ ۾ وٺي ڇڏيا هئا۔ ڦاسي جا تختا ٽوڙي ڇڏيا۔ مذهب کي پهريون ڀيرو رياست کان جدا ڪيو ويو۔ گرجا گهرن جا فنڊ بند ڪيا ويا ۽ انهن جون ملڪيتون عوام حوالي ڪيون ويون۔ هر ماڻهو لاءِ ڪم ڪرڻ لازمي قرار ڏنو ويو۔ سرمائيدار، جاگيردار ۽ مذهبي پيشوا راتورات پيرس مان ڀڄي ويا۔ هر طرف برابري ۽ اشتراڪيت جا نعرا هئا يعني جديد دور جو پهريون ڪميونسٽ انقلاب برپا ٿي چڪو هو۔ هي انقلاب ڏسي يورپ جون ساڄي ڌر واريون قوتون خوفزده ٿي ويون۔ اڊولف ٿيئرس جي اڳواڻي ۾ رجعت پسند قوتون گڏ ٿيڻ لڳيون۔ جرمني به پنهنجيون دشمنيون وساري فرينچ حڪمرانن سان گڏجي ويو ۽ پنهنجي فوج کي پيرس ڪميون کي اڳتي وڌڻ کان روڪڻ جو حڪم ڏنو۔ هنگري، روس، برطانيا ۽ بيلجيم سميت اٺ ملڪن هر قسم جي مدد ڪئي۔

پيرس ڪميون دنيا کي ڇا ڏنو؟ انهن ڏکين حالتن باوجود پيرس ڪميون ڪميونزم جا بنيادي اصول عملي طور لاڳو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي۔ عورتن کي مردن برابر آزادي ۽ حق ڏيڻ جو اعلان انقلاب کان هڪ مهينو اڳ ڪيو ويو هو۔ 24 اپريل 1871ع تي جڏهن لوڪل ڪائونسل جون چونڊون ڪرايون ويون ته دنيا ۾ پهريون ڀيرو عورتن کي ووٽ جو حق ڏنو ويو ۽ سوين عورتون چونڊجي آيون۔

ڪميون جو قيام سڀ کان اهم قدم هو، جنهن ۾ صنفي، لساني، فرقيوارانه  ۽ نسلي فرق کي ختم ڪيو ويو۔ پيرس ڪميون مستقل فوج ختم ڪرڻ جو اعلان پڻ ڪيو، جيڪو ڪميونزم جو هڪ اهم اصول سمجهيو وڃي ٿو۔ پيرس ڪميون ئي پهريون ڀيرو انقلاب زنده آباد جو نعرو ڏنو۔ جڏهن عظيم انقلابي يوجين وارلين جون اکيون ڪڍي ان کي سنگسار ڪرڻ کان اڳ پيرس جي گھٽين ۾ گھمايو ويو ته هو آخري گهڙين تائين انقلاب زنده آباد جا نعرا هڻندو رهيو۔ هن انقلاب ۾ ڪنهن کي صدر، وزيراعظم يا وزير نه بڻايو ويو۔ سڀ اعلان ڪنهن فرد بدران ڪميون جي نالي سان جاري ٿيندا هئا۔ جڏهن ته عالمي انقلابي ترانو انٽرنيشنل پڻ پيرس ڪميون جي ڪميونارڊ يوجين پوٽيئر لکيو جو لکيل آھي ـ

پيرس ڪميون جي ناڪامي;  پيرس ڪميون 18 مارچ 1871ع تي قائم ٿيو ۽ لڳ ڀڳ 72 ڏينهن قائم رهيو۔ 28 مئي تي يورپ جي اٺن طاقتور رياستن گڏجي ان کي خونريزي سان ختم ڪيو۔ 30 هزار کان 50 هزار ماڻهن پنهنجي جان قربان ڪئي۔ ڪيترن يئي کاٻي ڌر جي اڳواڻن به ان وقت مڪمل طور ساٿ نه ڏنوـ فرسٽ انٽرنيشنل جي صدر جارج اودگير هن انقلاب کي وقت کان اڳ قرار ڏنو ۽ مخالفت ڪيئي ۔ جڏهن ته باڪونن ۽ مارڪس کليل حمايت ڪئي۔

انقلاب جي ناڪامي کان پوءِ هزارين ڪميونارڊز کي نيو ڪيلڊونيا ٻيٽن تي جلاوطن ڪري قيدي بڻايو ويو۔ انهن ۾ لوئس مشعل، ايلايئيس، ان جي گھر واري نومي ريڪلس، آندري ليو، پال منڪ، صوفي پوريئر ۽ ٻيون ڪيتريون ئي عورتون شامل هيون۔

پيرس ڪميون جو شان اھو آھي ته جڏهن ڏهن سال بعد انهن کي عام معافي ملي ۽ 1880ع ۾ پيرس موٽيا ته سڄو شهر سندن استقبال لاءِ نڪري آيو۔ ماڻهو پنهنجي گهرن جون قيمتي شيون کڻي آيا ۽ پنھنجي انقلابي ساٿين حوالي ڪيون ته جييئن اهي انقلابي ٻيهر پنهنجي زندگي شروع ڪري سگهن۔ پيرس ڪميون جي وڏي ڪاميابي اها آهي ته اڄ به دنيا ۾ هڪ هزار کان وڌيڪ ڪميون موجود آهن۔ انهن ۾ اسپين جا آزاد ڪيتلونيا ۽ ٻيا ڪميون، فرانس جو لونگومي ڪميون، اٽلي جو اسپيزانو البانيز ڪميون، ميڪسيڪو جا زپاٽستا، مورلوس ڪميونز، هندستان جو آروولي ڪميون، يونان جو ايگزارشيا ڪميون، بلغاريا جو اسٽرانزيا ڪميون ۽ ڊنمارڪ جو فري ٽائون ڪرسچنيا ڪميون وغيره  شامل آهن۔ جڏهن ته آئيس لينڊ به تيزي سان انارڪي ڏانهن وڌي رهيو آهي۔

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.