ڪراچي (رپورٽر)سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ موجود آئيني بينچ ۾ 11 گم ٿيل ماڻهن جي آزادي بابت درخواستن جي ٻڌڻي ٿي پوليس 3 گم ٿيل ماڻهن جو پتو لڳائي ورتو، عدالت ۾ رپورٽ جمع ڪرائي ڇڏي، پوليس موجب بلاول ۽ فيصل کي اغوا ۽ ٻين ڏوهن ۾ ملوث هجڻ جي شڪ ۾ گرفتار ڪيو ويو، پوليس چيو ته پنهنجي گمشدگي جي درخواست داخل ڪندڙ عورت شهري گهر واپس اچي وئي آهي، عدالت ٽن ماڻهن جي آزادي بابت درخواستون رد ڪري ڇڏيون، عدالت ٻين گم ٿيل ماڻهن جي آزادي لاءِ ڪوششون تيز ڪرڻ جي هدايت ڪئي.
-
اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ ڪاروبار دوران ٻاڙائي، انڊيڪس ۾ 4700 پوائنٽون لاٿ
ڪراچي (رپورٽر) پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ سومر ڏينهن وچ اوڀر جي صورتحال ۽ معاشي غير يقيني سبب سيڙپڪارن جو وڏو دٻاءُ ڏسڻ ۾ آيو، جنهن ڪري بينچ مارڪ ڪي ايس اي 100 انڊيڪس 4687 پوائنٽس جي لاٿ سان 149,178 پوائنٽس تي بند ٿيو. ڪاروبار دوران انڊيڪس 3.05 سيڪڙو تائين ڪري پيو، جنهن جو وڏو اثر بئنڪنگ، سيمنٽ ۽ آٽو موبائيل سيڪٽر تي پيو. ماهرن موجب عالمي مارڪيٽ ۾ تيل جي قيمتن ۾ واڌ ۽ علائقائي تڪرار سبب سيڙپڪارن محتاط رويو اختيار ڪيو آهي. گذريل هفتي به مارڪيٽ ۾ 3600 کان وڌيڪ پوائنٽس جي گهٽتائي رڪارڊ ڪئي وئي هئي.