ڊاڪٽر عبدالڪريم شيخ جو خون لوڙهڻ جون ڪوششون، سول سرجن ۽ ٻه سينئر ڊاڪٽر معطل

مٺي(رپورٽ:غازي بجير) مٺي سول اسپتال ۾ چيف ميڊيڪل آفيسر ڊاڪٽر عبدالڪريم شيخ جي آپگهات واقعي ۾ الزام هيٺ آيل سول سرجن ڊاڪٽر ھريش جگاڻي،سينيئر ڊاڪٽر موهن کتري ۽ ڊاڪٽرعبدالمالڪ نھڙي کي چيف سيڪريٽري جي هدايتن بعد معطل ڪري هيڊڪوارٽر رپورٽ ڪرڻ جو حڪم ڪيو ويو آهي،جڏھن ته پوليس واقعي جي ذميوارن کي بچائڻ لاءِ سرڪار طرفان 154 جي بوڪ ۾ فوتي ڊاڪٽر عبدالڪريم شيخ جو وائيس ۽ لکيل خط ملڻ باوجود موت کي اتفاقي قرار ڏيئي  174 جي رپورٽ داخل ڪري ڇڏي آهي،مٺي ٿاڻي جي سب انسپيڪٽر پرديپ ميگهواڙ  سرڪاري مدعيت ۾ اتفاقي خودڪشي جي داخل ڪيل رپورٽ جڊيشل مئجسٽريٽ ون مٺي جي عدالت ۾ جمع ڪرائي ڇڏي آهي،جڏھن ته ڊاڪٽر عبدالڪريم شيخ جا وارث اڃان تائين ڪيس داخل ڪرائڻ لاء نه پهتا آهن ۽ فوتي ڊاڪٽر جي پٽ ۽ ناٺي پاران لاش وصول ڪرڻ وقت پوليس کي بيان ڏنو هو ته تدفين بعد ڪيس داخل ڪرايو ويندو پر پوليس انهن جو انتظار نه ڪيو ۽ موت کي خودڪشي قرار ڏئي ڇڏيو آهي،جڏھن ته پوليس ڊاڪٽر عبدالڪريم شيخ پاران لکيل خط ۽ وائيس ميسيج ۾ ظاهر ڪيل سمورن ڊاڪٽرن ۽ لوئر اسٽاف جي ملازمن کي صرف معطل ڪيو آهي پر پوليس هڪ به الزام هيٺ آيل عملي کي گرفتار نه ڪيو آهي،ٻئي پاسي ڪيس جو جاچ آفيسر ايس ايڇ او مٺي مبارڪ راڄڙ جاچ دوران مبينا دٻاء جو شڪار هجڻ سبب اوچتو موڪل تي روانو ٿي ويو آهي، ذريعن موجب ايس ايڇ او مٺي مبارڪ راڄڙ تي واقعي کي خودڪشي قرار ڏيڻ لاءِ دٻاءُ وڌو ويو هو، جنهن بعد هن انڪار ڪندي موڪل تي روانو ٿي ويو، جڏهن ته ايس ايڇ او مٺي جي چارج سي آء اي انچارج عبدالسبحان ميمڻ حوالي ڪئي ويئي آهي، رابطي ڪرڻ تي ڊي ايس پي مٺي ماجد قائم خاني چيو ته ايس ايڇ او مٺي مبارڪ راڄڙ بيماري سبب موڪل تي ويو آهي باقي اهڙي ڪابه ڳالھ ناهي، ٻئي پاسي  ڊاڪٽر ڪريم شيخ جي موت واقعي تي ڊي آءِ جي ميرپورخاص رينج ڪئپٽن (ر) فيصل عبدالله چاچڙ جاچ  ڪميٽي جوڙي ڇڏي،جاچ ڪميٽي هيٺين آفيسرن تي مشتمل آهي،جنھن ۾ سيد فدا حسين شاهه ايس ايس پي ميرپورخاص چيئرمين،شعيب ميمڻ ايس پي ٿرپارڪر ميمبر،ماجد علي قائمخاني ڊي ايس پي  مٺي  ميمبر،خدا بخش ٿيبو،ڊي ايس پي ميمبر،انسپيڪٽر صاحب خان درس انچارج ليگل سيل رينج آفيس ميرپورخاص ميمبر مقرر ڪيا ويا آهن،

  1. سول اسپتال جي ڊاڪٽرياڻين جا مافيا بابت اهم انڪشاف

 مٺي:سول اسپتال جي ڊاڪٽرياڻين جا مافيا بابت اهم انڪشاف،انتظاميا خلاف شڪايتن جا انبار لڳائي ڇڏيا، احتجاج دوران ليڊي ڊاڪٽر آبها ڪماري چيو ته اسپتال جو اڌ کان وڌيڪ عملو ويزا تي آهي،جنهن خلاف ڊاڪٽر عبدالڪريم آواز اٿاريندو هو،اسان عورت ڊاڪٽرن کي ڊاڪٽر عبدالڪريم هميشه تحفظ ڏيندو هو، ڊاڪٽر آشا ڪماري چيو ته جيڪي ڊاڪٽرياڻيون ويزا تي ويل آهن اهي ڊيوٽي تي نٿيون اچن انهن جو ورڪ لوڊ اسان تي آهي،انھن جي ايمرجنسي ۾ به اسان کي ڪرڻي پوي ٿي ۽ ڪڏهن ڪڏهن اسان کان 12 ڪلاڪ ڊيوٽي ورتي وڃي ٿي،ھن چيو ته ڊاڪٽر عبدالڪريم شيخ تمام بهترين ۽ عورتن جي انتهائي گهڻي عزت ڪندڙ هو،اھڙي ماڻهو تي غلط الزام ھنيو ويو ان تي ڏاڍو ڏک ٿيو آهي،ڊاڪٽر ريٽا ڪماري چيو ته ايم ايل سي جي ڊاڪٽر سنڌو مقرر آهي پر انهي کان صرف 15 ڏينهن جي ڊيوٽي ورتي ٿي وڃي ۽ 15 ڏينهن باقي ڊاڪٽرياڻين کان ايڪسٽرا ڊيوٽي ورتي ٿي وڃي،ڊاڪٽر گڙيا چيو ته ڊاڪٽر عبدالڪريم شيخ بهترين شخص هو،ان مافيا کان تنگ ٿي آپگھات ڪيو آھي،ائين ٻين ڊاڪٽرن سان به مسئلا آهن ۽ پريشر ۾ آهن انهن کي فوري طور سيڪيورٽي ڏني وڃي ته جئين ٻئي ڪنهن ڊاڪٽر سان اھڙو واقعو پيش نه اچي،ڊاڪٽر ريٽا ڪماري سوٽھڙ جو چوڻ ھو ته اسپتال جو ماحول انتھائي خراب آھي ٿورو سورس ملي ته ھتان نوڪري به ڇڏي ڏيون،ريڊيولاجسٽ آھيان پر پيڊس،گائني ۽ او پي ڊي ڏسڻ لاءِ مقرر ڪيو ويو آهي،هن چيو ته وڏي ويل ۾ آھيون،حقيقي انڪوائري ٿئي ته حقيقتون بڌايڻ لاءِ تيار آھيون،ڊاڪٽر عبدالڪريم شيخ اسان ڊاڪٽرياڻين لاءِ وڏو سھارو ھو

  1. ڊاڪٽر عبدالڪريم شيخ واقعي خلاف مظاهرا

مٺي/ڊگهڙي:مٺي سول اسپتال جي ڊاڪٽرن ڊاڪٽر عبدالڪريم شيخ جي واقعي خلاف او پي ڊي جو بائيڪاٽ ڪري ڊاڪٽر حفيظ دل،ڊاڪٽر آڀا ڪماري،ڊاڪٽر آشا ڪماري،ڊاڪٽر گڙيا جي اڳوڻي ۾ مرد ۽ عورت ڊاڪٽرن سول اسپتال جي گيٽ آڏو ڪاريون پٽيون ٻڌي احتجاجي مظاهرو ڪيو،اسلام ڪوٽ رورل ھيلٿ سينٽر جي ڊاڪٽرن به احتجاج ڪندي نعريبازي ڪئي،ان موقعي تي ڊاڪٽرن چيو ته ڊاڪٽر عبدالڪريم شيخ جي مبينا آپگهات واري واقعي جي ذميوار جوابدارن کي سخت سزا ڏني وڃي،احتجاج دوران “سينيئر ڊاڪٽر جي موت جو حساب ڏيو،انصاف ڪيو” جا پلي ڪارڊ کڻي نعرا هنيا ويا،پاڪستان ميڊيڪل ايسوسيئيشن ٿرپارڪر جي صدر ڊاڪٽر حفيظ دل چيو ته ڊاڪٽر عبدالڪريم شيخ ايماندار ۽ فرض شناس آفيسر هو، هوڏانهن تعلقه اسپتال ڊگھڙي جي عملي طرفان مٺي جي سرڪاري اسپتال جي ڊاڪٽر عبدالڪريم شيخ جي مبينا قتل ۽ قاتلن جي گرفتاري لاءِ اسپتال ٻاهران احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو۔ ان موقعي تي اسسٽنٽ ميڊيڪل سپرنٽنڊنٽ ڊاڪٽر محمد امين خاصخيلي، ڊاڪٽر مجاهد جروار، ڊاڪٽر غلام مصطفيٰ چانھيو، ڊاڪٽر اعظم قائمخاني، ڊاڪٽر ڀيشم ڪمار، ڊاڪٽر اسد علي مهر، ايوب ڪلوئي ۽ ٻين   واقعي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي

  1. وارثن پاران صحت کاتي ۽ پوليس رپورٽ تي بي اعتمادي ظاهر

مٺي:خودڪشي ڪندڙ ڊاڪٽر جي وارثن صحت کاتي جي ٽيم ۽ پوليس رپورٽ تي بي اعتمادي جو اظھار ڪري ڇڏيو،انھيسلسلي ۾ ڊاڪٽر جي وارثن عبدالمالڪ،عزيز الله شيخ ۽ ٻين چيو ته اسان لاش وصول ڪرڻ وقت ٻڌايو ھو تہ واپس پھچي ڪيس داخل ڪرائينداسين پر پوليس اسان کان بنا پڇڻ جي اتفاقي موت جي رپورٽ عدالت ۾ جمع ڪرائي آھي اھا اسين رد ڪيون ٿا،اسان جي ڊاڪٽر پنھنجي خط ۾ قاتلن جو واضح ذڪر ڪيو آهي اسان انھن ملوث جوابدارن جي خلاف قتل جو ڪيس داخل ڪرائڻ چاھيون ٿا،اڄ پھچي ڪيس داخل ڪرائينداسين،ھنن چيو ته اسان کي تحفظ ڏنو وڃي مٺي ۾ اسان کي ڊاڪٽر جي قاتلن مان جان جو خطرو آھي .

  1. سيڪشن آفيسر شفيق اڄڻ ڪارروائي کان آجو

مٺي:صحت کاتي جو سيڪشن آفيسر شفيق اڄڻ ڪاروائي کان آجو،الزامن باوجود عھدي تي ويٺل،خودڪشي ڪندڙ ڊاڪٽر عبدالڪريم شيخ پاران صحت کاتي ڪراچي آفيس جي ايس او ون شفيق اڄڻ خلاف به خط ۾ الزام لڳايو ھو ته اھو مٺي سول اسپتال جي انتظاميا سان گڏجي بجيٽ ھڙپ ڪري ٿو ۽ بدلين عيوض رشوت وصول ڪري ٿو،صحت کاتي جي ايس او ون شفيق اڄڻ جنهن پڙهيل لکيل ڊاڪٽرن جي زندگي زهر ڪري ڇڏي آهي،سنڌ سيڪريٽريٽ تائين متاثر ڊاڪٽرن سميت عوام جون پھچندڙ شڪايتون شفيق اڄڻ ردي ٽوڪري حوالي ڪري ڇڏيندو آھي ۽ ڊاڪٽرن جا فائيل پئسا نه ڏيڻ سبب دٻائيندو رهندو آھي جنھن جي خلاف فوتي ڊاڪٽر خط لکندي الزام لڳايو ھو،

  1. صحت کاتي مٺي ۾ ڪرپشن آهي، سروي ڪرائي وڃي: ڊاڪٽر عبدالستار لنجو

اسلام ڪوٽ:اسلام ڪوٽ جي رورل ھيلٿ سينٽر اسپتال جي چيف ميڊيڪل آفيسر ڊاڪٽر عبدالستار لنجو صحت کاتي جيڪرپشن تان پردو کڻي ڇڏيو،ڊاڪٽر عبدالستار لنجو چيو آھي ته اسان ٿر جا ڊاڪٽر  بلڪل تسليم ٿا ڪريون ته اسان ڊاڪٽر مرحوم شيخ جي قتل ۾ سڀ ملوث آھيون ۽ جيڪي اڃان معطل نه ٿيا آهن انھن سڀني کي ھڪ آرڊر سان  معطل ڪيو وڃي،هن چيو ته  ھڪ سروي ڪرائي وڃي ته جنھن ۾ ھڪ سوال نامو عوام کان صرف ھڪ نقطي تي سوال ڪيو وڃي ته آخر ماڻھو روينيو کاتو،پوليس،واپڊا،ءٽريزيء ٻين صوبائي کاتن مان ايترو مطمئن ۽ صحت کاتي مان ايترو تنگ ڇو آھن،اسپتال ايندڙ مريض کان رشوت ڇو ورتي ٿي وڃي انھن جي علاج ۾ دير ڇو ڪئي ويندي آهي،

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.