ڪراچي (رپورٽر)سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه هڪ اعليٰ سطحي اجلاس جي صدارت سول اسپتال ڪراچيءَ جي ترقي ۽ ان کي جديد معيارن مطابق ٺاهڻ لاءِ 100 ارب رپين جي جامع ماسٽر پلان جي اصولي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. هن منصوبي ۾ سنڌ حڪومت طرفان 50 ارب رپين جي گرانٽ پڻ شامل آهي، جڏهن ته عبدالستار ايڌي ميڊيڪل ٽاور تي فوري طور ڪم شروع ڪيو ويندو. هي اهم منصوبو جنهن لاءِ صوبي جي حڪومت طرفان 50 ارب رپيا مختص ڪيا آهن، اسپتال جي ايراضي کي ٻيڻي ڪرڻ سان گڏ ان جي تاريخي اهميت کي محفوظ رکڻ جو پڻ مقصد رکيو ويو آھي. اجلاس ۾ صحت واري وزير ڊاڪٽر عذرا فضل پيچوهو، ميڊيڪل سپرنٽنڊنٽ ڊاڪٽر خالد بخاري پڻ شريڪ هئا. اجلاس ۾ سماجي اڳواڻ فيصل ايڌي، مشتاق ڇاپڙا، ڊاڪٽر سعد خالد نياز ۽ شاهد عبدالله پڻموجود هئا. وڏي وزير هن موقعي تي چيو ته رٿا جو مقصد سول اسپتال ڪراچي کي عالمي معيار جي طبي مرڪز ۾ تبديل ڪرڻ آهي. هن توسيعي رٿا تحت اسپتال ۾ موجوده 2,142 بسترن کان سواءِ 500 نوان بستر پڻ شامل ڪيا ويندا. اسپتال جي مجموعي ايراضي ۾ نمايان واڌ ڪئي ويندي. پراڻين ۽ خراب حالت واري عمارتن ۽ گهٽ استعمال ٿيندڙ کليل جڳهن جي جاءِ تي جديد عمودي ٽاور تعمير ڪيا ويندا. انهن ٽاورن ۾ هڪ خاص ميڊيڪل ٽاور ۽ سرجري وارڊ قائم ڪيو ويندو. ان کان سواءِ نئون آئوٽ پيشينٽ ڊپارٽمينٽ (او پي ڊي)، برنس وارڊ ۽ جيل وارڊ پڻ ٺاهيا ويندا. جديد مرده خانو، ويسٽ مينيجمينٽ سسٽم، انتظامي بلاڪ ۽ نرسن ۽ ڊاڪٽرن لاءِ خاص هاسٽل پڻ منصوبي جو حصو هوندا. وڏي وزير مراد علي شاهه واضح ڪيو ته اسپتال کي جديد بڻائڻ سان گڏ ان جي تاريخي سڃاڻپ کي به محفوظ رکيو ويندو.