ملڪ مان غير قانوني افغاني واپس ڪيا وڃن:اياز لطيف

حيدرآباد (پ ر) قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي افغانستان مان پاڪستان تي ڊرون حملن جي مذمت ڪندي چيو آھي ته افغانستان کي دھشت گردن جي پناھ گاھ بڻايو ويو آھي، سنڌ سميت سڄي ملڪ ۾ لکين غير قانوني افغاني موجود آھن، غير قانوني افغانين کي مڪمل نيڪالي ڏيڻ تائين دھشت ردي جو خطرو موجود آھي، انڪري سنڌ سميت سڄي ملڪ مان غير قانوني افغاني واپس ڪيا وڃن، اسرائيل ۽ آمريڪاجي جنگي جارحيت سڄي دنيا کي خطري ۾ وجھي ڇڏيو آھي، معصوم ٻارن سميت لکين انسان قتل ٿي چڪا آھن، گڏيل جي خاموشي ۽ ان جو غير فعال ڪردار انتھائي افسوسناڪ آھي، جنگي قانون جي ڀڃڪڙي ڪري عام شھرين، اسڪولن، معصوم ٻارن ۽ عورتن کي نشانو بڻايو پيو وڃي، جنگين، ھٿيارن ۽ صنعتي آلودگي سڄي دنيا جي ماحول کي جھنم بڻائي ڇڏيو آھي. صاف پاڻي ناھي، وڻ ناھن، ماحولياتي گدلاڻ وڏو چئلينج بڻيل آھي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.