اسلام آباد (بيورو) پاڪستان ريلوي عيدالفطر جي موقعي تي مسافرن جي سهولت لاءِ 4 اسپيشل ٽرينون هلائڻ جو فيصلو ڪيو آهي، ريلوي ترجمان موجب پهرين عيد اسپيشل ٽرين اڄ لاهور کان ڪراچي لاءِ رواني ٿيندي، جڏهن ته ٻي عيد اسپيشل ٽرين سڀاڻي ڪوئيٽا کان راولپنڊي لاءِ رواني ٿيندي، ترجمان موجب ٽئين عيد اسپيشل ٽرين سڀاڻي ڪراچي کان پشاور لاءِ رواني ٿيندي، ان کان سواءِ چوٿين عيد اسپيشل ٽرين 18 مارچ تي ڪراچي کان لاهور لاءِ رواني ڪئي ويندي، ٻئي پاسي وزيراعظم شهباز شريف عيدالفطر جي موڪلن جي منظوري ڏئي ڇڏي، ڪابينا ڊويزن پاران جاري نوٽيفڪيشن موجب عيد جون موڪلون 20 ۽ 21 مارچ تي ٿينديون.