دبئي/واشنگٽن (عوامي آواز رپورٽ) آمريڪا، اسرائيل ۽ ايران جي وچ ۾ جاري ڇڪتاڻ سبب عالمي منڊين ۾ تيل جي اگهن ۾ وڏي واڌ جو امڪان ظاهر ڪيو پيو وڃي. ماهرن خبردار ڪيو آهي ته تيل جي قيمت 100 ڊالر في بيرل کان مٿي برقرار رهي سگهي ٿي، جنهن سان عالمي سطح تي توانائي جو هڪ تاريخي بحران جنم وٺي سگهي ٿو. اها صورتحال ان وقت پيدا ٿي جڏهن آمريڪا ايران جي تيل برآمد ڪندڙ مرڪز خارگ ٻيٽ جي ويجهو حملا ڪيا، جنهن جي جواب ۾ ايران پاران به گڏيل عرب امارات جي هڪ وڏي آئل ٽرمينل تي ڊرون حملا ڪيا ويا آهن. ايران پاران آبنائي هرمز تان واپاري جهازن جي اچ وڃ روڪڻ سبب دنيا جي تيل جي سپلاءِ جو پنجون حصو متاثر ٿي رهيو آهي. ماهرن موجب ايشيا لاءِ تيل جي سپلاءِ هن هفتي جي آخر تائين ختم ٿي سگهي ٿي، جڏهن ته يورپ ۾ اهو بحران ايندڙ هفتي تائين پهچندو. هن وقت ايران جي معيشت جي اهم ٿنڀ خارگ ٻيٽ جي غير فعال ٿيڻ جو به خطرو آهي، جنهن سان ايران جي پيداوار اڌ ٿي ويندي. ٻئي طرف، ڀارت، سري لنڪا ۽ ميانمار جهڙن ملڪن ۾ تيل جي کوٽ سبب اڳ ئي گاڏين جون ڊگهيون قطارون لڳي ويون آهن.