اسلام آباد(شهزاد اقبال)پاڪستان جي معيشت تي جنگ جا اثر پوڻ شروع ٿي ويا آهن،ناڻي وارو وزير خدشو ظاهر ڪري چڪو آهي ته جنگ ڊگهي ٿي ته پاڪستان جي ٻاهرين ادائيگين تي دٻاءُ وڌندو،ترسيلات زر به متاثر ٿي سگهن ٿيون،معاشي ماهر خدشو ظاهر ڪري رهيا آهن ته جنگ ۾ ڊيگه ٿي ته ملڪ جي جي ڊي پي گروٿ هڪ کان ڏيڍ سيڪڙو گهٽ ٿي سگهي ٿي،مهانگائي جي شرح ۾ ڊبل ڊجيٽ کان وڌيڪ جو اضافو ٿي سگهي ٿو، نئون بحران پيدا ٿيڻ جو خدشو آهي،اسٽيٽ بئنڪ جي اڳوڻي گورنر عشرت حسين جو چوڻ آهي ته خام تيل جي قيمتن ۾ 10 سيڪڙو واڌ سان پاڪستان جي درآمدي بل ۾ 1.5 ارب ڊالر تائين جو اضافو ٿيندو آهي،پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ هفتيوار بدران روزانو تبديلي سان ذخيره اندوزي کان بچي سگهجي ٿو ۽ قيمتن کي عالمي منڊي سان هم آهنگ به رکي سگهجي ٿو،معاشي ماهر حفيظ پاشا چيو آهي ته مهانگي پيٽروليم مصنوعات جي درآمد سان ٻاهرين سيڪٽر کي 12 کان 14 ارب ڊالر جو نقصان ٿي سگهي ٿو ۽ ترسيلات زر ۾ 2 کان 4 ارب ڊالر جي گهٽتائي جو خدشو آهي،هن چيو ته جنگ ٻه هفتن کان وڌي وئي آهي،ان جي خاتمي جو به ڪو امڪان نظر نه پيو اچي،آبنائي هرمزبند پيل آهي،هن چيو ته ان کان اڳ روس يوڪرين جنگ سبب تيل جي قيمت 116 ڊالر بيرل ٿي وئي هئي جنهن سبب اسان وٽ 2022-23ع ۾ ناڻي ڦهلاءُ ۾ 30 سيڪڙو واڌ ٿي هئي،اسان جو واپاري خسارو وڌي ويو هو، هن چيو ته مارچ ۾ تيل اگهه وڌڻ کانپوءِ اندازو آهي ته ناڻي پکيڙ ۾ ڊبل ڊجيٽ ۾ اضافو ٿي ويندو اهو 12 کان 13 سيڪڙو تائين پهچي ويندي،واپاري خسارو وڌندو،هن چيو ته تيل اگهه وڌڻ ۽ ٻين عام واهپي وارين شين جا اگهه وڌڻ کانپوءِ ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو سال جي آخر تائين ٻه ارب ڊالر کان وڌي 6 کان 7 ارب ڊالر ٿي سگهي ٿو،هن چيو ته معاشي اوسر جي شرح ٽي کان ساڍا چار سيڪڙو رهڻ جي اميد هئي،اها به گهٽ ٿي اڍائي سيڪڙو رهڻ جو خدشو آهي،حالتون تمام پريشان ڪندڙ ٿي سگهن ٿيون،هن چيو ته ملڪ ۾ بيروزگاري ۽ مهانگائي وڌي آهي جنگ کانپوءِ اڃا به ٻنهي ۾ واڌ ٿي سگهي ٿي،ايندڙ ڏينهن ۾ ترسيلات زر ۾ به گهٽتائي ٿي سگهي ٿي،پاڪستان کي قرض جي صورت ۾ پرائيوٽ سيڙپڪارن کان تمام گهٽ پئسو ملي رهيو آهي،هن چيو ته پيٽروليم مصنوعات تي ڪسٽم ڊيوٽي ۽ سيلز ٽيڪس سان اسان کي اضافي آمدني ملي سگهي ٿي، هن وقت تقريبن 700 ارب رپيا ملي رهيا آهن ان ۾ 150 ارب رپين جي واڌ ٿي سگهي ٿي،ان تي حڪومت ذڪر ئي ناهي ڪيو،ان اضافي آمدني سان غريبن کي بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ذريعي سبسڊي وڌائڻ گهرجي،هن چيو ته آءِ ايم ايف کان به رليف وٺي سگهجي ٿو،عالمي مالياتي اداري جو هن ڀيري غربت گهٽائڻ تي ڌيان آهي،هن چيو ته توانائي شعبي جو خسارو گهٽائڻ تي حڪومت جو ڌيان ناهي، جيڪڏهن بجلي جو واهپو وڌائي ٽيرف گهٽائجي ته ان سان بهتري اچي سگهي ٿي،