دنيا ۾ جنگي حالتون آهن، سمورن سياستدانن کي هڪ صفحي تي هجڻ گهرجي: بلاول

ڪراچي (رپورٽر) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي صدارت ۾ سنڌ جي پارلياماني پارٽي جو اهم اجلاس ٿيو، جنهن ۾ صدر آصف علي زرداري، خاتون اول آصفا ڀٽو زرداري، پ پ عورت ونگجي صدر فريال ٽالپر، وڏي وزير مراد علي شاهه، پ پ سنڌ جي صدر نثار کهڙي ۽ سنڌ اسيمبلي جي ميمبرن شرڪت ڪئي. اجلاس کي خطاب ڪندي صدر آصف علي زرداري چيو ته اسين شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي مشن کي اڳتي وڌائي رهيا آهيون. صدر چيو ته هن وقت جنگ جون حالتون آهن، اسان کي متحد رهڻ جي ضرورت آهي. هن وڏي وزير ۽ سندس ٽيم جي ڪارڪردگي کي ساراهيندي هدايت ڪئي ته ڏکين حالتن ۾ به عوام کي جيترو ٿي سگهي رليف فراهم ڪيو وڃي. صدر آصف علي زرداري وڏي وزير ۽ سندس ڪابينا تي اعتماد جو اظهار ڪندي وڏي وزير کي چيو ته اوهان ۽ اوهان جي ٽيم سٺو ڪم ڪري رهي آهي، پنهنجي سٺن ڪمن جو سلسلو جاري رکو. هن سنڌ اسيمبلي ميمبرن کي هدايت ڪئي ته عوام جي خدمت جو سلسلو جاري رکيو وڃي، ڏکين حالتن ۾ به عوام کي جيترو ممڪن ٿي سگهي رليف ڏنو وڃي. چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو ته هن وقت دنيا ۾ جنگي صورتحال آهي، جنهن ۾ قومي ٻڌيءَ جي ضرورت آهي. هن چيو ته سڀني سياستدانن کي هڪ صفحي تي هجڻ گهرجي. هن گل پلازا سانحي تي ٿيندڙ تنقيد کي رد ڪندي چيو ته اسين باهه لڳائيندڙ نه پر باهه وسائيندڙ آهيون. هن وڌيڪ چيو ته ڪجهه ماڻهن کي ڪراچي جو جيالو ميئر هضم نٿو ٿئي، پر مرتضيٰ وهاب جي ڪارڪردگي بهتر آهي ۽ جلد شهر ۾ نوان ترقياتي ڪم شروع ٿيندا، سنڌ حڪومت ۽ ڪراچي ميٽروپوليٽن ڪارپوريشن پروپيگنڊآ جو جواب پنهنجي ڪارڪردگي سان ڏيندي.  سندس چوڻ هو ته مان پيپلزپارٽي جي سنڌ حڪومت جي ڪارڪردگي مان خوش آهيان، مسئلن باوجود سنڌ جو وڏو وزير جنهن انداز ۾ صوبي جو ڪيس وڙهندو آهي اهو واکاڻ جوڳو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.