ايپسٽين نيٽ ورڪ نائن اليون جهڙو ڊرامو ڪرڻ جي سازش ڪري پيو:ايران

تهران (م ڊ) ايراني سيڪيورٽي چيف علي لاريجاني چيو آهي ته ايپسٽين نيٽ ورڪ جا باقي بچيل ميمبر آمريڪا ۾ نائن اليون جهڙو واقعو ٻيهر ڪرائڻ جي سازش ڪري رهيا آهن ته جيئن ان جو الزام ايران تي مڙهي سگهجي، سوشل ميڊيا تيجاري بيان ۾ علي لاريجاني چيو ته ٻڌڻ ۾ آيو آهي ته ايپسٽين ٽيم جي باقيات نائن اليون جهڙو واقعو ڪرائڻ ۽ ان جو الزام ايران تي لڳائڻ جي رٿ تيار ڪئي آهي، هن چيو ته ايران بنيادي طور اهڙن دهشتگرد منصوبن جو سخت مخالف آهي ۽ ايران جي جنگ آمريڪي عوام سان ناهي، علي لاريجاني خبردار ڪيو ته آمريڪا ۽ ان جا اتحادي هڪ امڪاني ”فالس فليگ“ حملي جي سازش ڪري سگهن ٿا ۽ ان جو الزام ايران تي وجهي سگهن ٿا، ايران اهڙين دهشت گرد ڪاررواين جي سخت مخالفت ڪري ٿو ۽ آمريڪي عوام سان ايران جي ڪا دشمني ناهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.