برتري، حسد ۽ ادبي نرگسيت جو عڪس

تحرير: ڊاڪٽر جاويد شيخ

سنڌ سرڪار جي وڏي وديا گھر جي نوڪري ڪندي ايڪويھھ سال ٿيڻ تي آھن.لاڙڪاڻي کان سواءِ ڪراچي جي ٽن وديا گھرن ۾ مخدومي جو موقعو مليو آھي.تجربو،مشاھدو  سماجي سائنس جي روپ ۾ پلئه پيو.ڪراچيءَ ۾ رھندي سنڌين جي نفسيات جو ويجھڙ کان واس ورتو اٿم.ادب دوست ھجڻ ڪري، سينيئر جونيئر اديبن سان ميل جول جو شروع ڪيم. ايئن استادن، اديبن ۽ لاڳاپيل سرڪاري ادارن   اي جي سنڌ، سنڌ سيڪريٽريٽ ۾ سوين ڪم پيا.اتي نوڪري  ڪندڙن سان لهھ وچڙ ۾ اچڻو پيو. شروع شروع ۾ ڪراچيءَ ۾ سنڌيت جي سڳنڌ گھڻو مسرور ڪندي  ھئي، جو ان وقت  تائين سنڌ جي ڀانت ڀانت جي شھرن، ڳوٺن جي ذات پات جي سانگيئڙن سان تعلق اڃان نئون نئون جڙيو ھيو.خوشي ٿيندي ھئي انھن کي ادارن جي آفيسن ۾ براجمان ڏسندي. پر ايڪويھن سالن جي سروس تجربي، مشاھدي ۽ ميل جول گھڻو ڪجهه سيکاريو پر سيکت به ڏني.جو ھاڻ اڳ جھڙي محسوسات نٿي ٿيم.بلڪل مٺي ھوندي ، مصريءَ جي ڦڪي ھجڻ جي احساس وانگيان.

آرٽس ڪائونسل ڪراچي ھجي، وڏ وديا گھرن جي داخلي دنيا ھجي يا سنڌ جي خزاني آفيس ھجي يا سنڌ سيڪريٽريٽ جتي ڪٿي سنڌين جي ڪارستانين جون ڪھاڻيون ٻڌجن ٿيون. جائز ڪم به پيسن کان سواءِ نه ڪندا. ھنن وٽ حسد ساڙ جو سڪو ھلندڙ آھي، گلاخوري، اسھپ سبب ھو اڪثر سکين ستائبن ۽ ڪامياب فردن لاءِ محرومين جو ماتم ڪندي نظر ايندا. ھو گھڻي ڀاڱي برتريءَ  جي ڀاري عينڪ پائي گھمڻ پسند ڪن ٿا.گھڻو ڪجهه حاصل ڪرڻ باوجود ھنن اڃان تائين پنهنجي روين، مزاجن ۽ سڀاءُ کي سنڀالڻ سکيو ئي ناھي.سنڌين جي خارجي، داخلي دنيا ۾ جھاتي ٿي پائجي،  ته ھڪڙي قسم جي چٽي ۽ نه رڪجندڙ ناڪاري "روين جي خانا جنگي” محسوس  ٿئي پئي .سنڌي سنڌيءَ کي سھي ئي نٿو، سير ھوندي سوا سير محسوس ڪرائيندو.ڪارندو ھوندو ڪامورو ڪوٺائيندو.ڪامورو ھوندو  ته ڪل ڪائنات جو مالڪ سڏائيندو.ٻهچار چوپڙيون ڇپيل ھوندس ته شيخ اياز سڏائيندو. پنھنجي ڪيل  ڳالهه بي وزن ھوندي به مڃرائڻ تي ڳت ڏئي بيهندو

 هيمشه غير سنجيدگيءَ جو سندرو ٻڌل ھوندس.علمي نرگسيت جا نشا، قبائلي جھيڙن جھٽن جھڙا ادبي بحث ڪندو. اھليت جو اڪيلو وارث پاڻ کي سڏائيندو، باقي ساري خلق نااهل نڪمي سندس نظر ۾. پنھنجن سان پٺاڻڪي ۽ باقي غير ۽ وڏي ماڻھوءَ جي سائين ميان ! بھائي جان ! ٽوڪ گاڏڙ ٽھڪ ڏئي پنھنجي فرسٽيشن،گھرو جھيڙا، محروميون، بيماريون، نقص، ناڪاميون، لڪائڻ جي اجائي ڪوشش ٻئي جي مذاق معرفت دل آزاري ڪري ڪندو.فيس بوڪ،واٽس اپ،گروپ تي نام نھاد دانشوري ڏيکارڻ جا موقعا ھٿان نه وڃائيندو.

آرٽس ڪائونسل ڪراچي ھجي، وڏ وديا گھرن جي داخلي دنيا ھجي يا سنڌ جي خزاني آفيس ھجي يا سنڌ سيڪريٽريٽ جتي ڪٿي سنڌين جي ڪارستانين جون ڪھاڻيون ٻڌجن ٿيون. جائز ڪم به پيسن کان سواءِ نه ڪندا. ھنن وٽ حسد ساڙ جو سڪو ھلندڙ آھي، گلاخوري، اسھپ سبب ھو اڪثر سکين ستائبن ۽ ڪامياب فردن لاءِ محرومين جو ماتم ڪندي نظر ايندا. ھو گھڻي ڀاڱي برتريءَ  جي ڀاري عينڪ پائي گھمڻ پسند ڪن ٿا.گھڻو ڪجهه حاصل ڪرڻ باوجود ھنن اڃان تائين پنهنجي روين، مزاجن ۽ سڀاءُ کي سنڀالڻ سکيو ئي ناھي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.