ڪاڇي ۾ زميني تڪرار تان ٻن ڌرين ۾ جهيڙو، فائرنگ، ڪائونسلر قتل

جوهي/ڪڪڙ (نمائندن وٽان)ڪاڇي جي علائقي ۾ زميني تڪرار تان آلکاڻي ۽ چانڊيا برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو، فائرنگ، گوليون لڳڻ ڪري ڪائونسلر مارجي ويو ھڪ ڄڻو  زخمي، ڪاڇي جي علائقي ميان نصير محمد ٿاڻي جي حد ديھه ريڍي ۾ زمين جي تڪرار تان آلکاڻي برادري ۽ چانڊيا برادري جي ٻن ڌرين ۾ جھيڙو ٿي پيو جھيڙي ۾ فائرنگ ٿيڻ دوران گوليون لڳڻ جي نتيجي ۾ پ پ جي ڪائونسلر محمد مٺل چانڊيو ۽ موسي خان چانڊيو سخت زخمي ٿي پيا جن کي دادو اسپتال کڻائي ويا جتي زخمي محمد مٺل چانڊيو زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو،  مقتول جو لاش پوسٽ مارٽم لاءِ تعلقي اسپتال خيرپور ناٿن شاھ منتقل ڪيو ويو، مقتول نوجوان جي ڀاءُ عبدالقيوم چانڊيو چيو ته بيگناھ منهجي ڀاءُ کي قتل ڪيو ويو آهي، جوابدارن کي جلد گرفتار ڪري اسان کي انصاف فراهم ڪيو وڃي، پوليس جو چوڻ هو ته مقتول نوجوان جا وارث ٿاڻي تي ايندا ته ڪيس داخل ڪيو ويندو، آلکاڻي ۽ چانڊيا برادري جي ٻن ڌرين ۾ زمين جي تڪرار تان جھيڙو ٿيو آھي، جنهن ۾ ڪائونسلر قتل ٿي ويو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.