ملڪي صورتحال تي پارليامينٽ جو ان ڪئميرا اجلاس گهرايو وڃي:فضل الرحمان

لاهور (بيورو) جمعيت علماءِ اسلام ف جي سربراهه مولانا فضل الرحمان ملڪي صورتحال تي پارليامينٽ جو اِن ڪئمرا اجلاس گهرائڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو، فضل الرحمان چيو آهي ته پاڪستان ۽ ان جي مستقبل بابت سنجيده فيصلا ڪرڻا پوندا، لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي مولانا  فضل الرحمان چيو ته اسان کي پاڪستان ۽ ان جي مستقبل بابت سنجيدگي سان سوچڻو پوندو، مسلمان امت کي گڏ ويهي مستقبل بابت حڪمت عملي طئي ڪرڻي پوندي، هن جو چوڻ هو ته موجوده ملڪي حالتن کي نظر ۾ رکندي پارليامينٽ جو اِن ڪئمرا اجلاس گهرائڻ ضروري آهي ته جيئن اهم معاملن تي صلاح مشورا ڪري سگهجن، هي وقت گڏجڻ جو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.