ملڪ رياض ۽ علي رياض جا ريڊ وارنٽ جاري

اسلام آباد (عوامي آواز رپورٽ) قومي احتساب بيورو (نيب) جي درخواست تي انٽرپول بحريه ٽائون جي سربراهه ملڪ رياض حسين ۽ سندس پٽ علي رياض ملڪ جا ريڊ وارنٽ جاري ڪرڻ تي رضامندي ظاهر ڪري ڇڏي آهي. نيب پاران ٻنهي شخصيتن کي مختلف ڪيسن ۾ گهربل هجڻ سبب انٽرپول سان رابطو ڪيو ويو هو. انٽرپول جي راضپي کانپوءِ هاڻي هي معاملو يو اي اي حڪومت جي  اختيار ۾ آهي. ذريعن موجب ايندڙ اٺن هفتن دوران ملڪ رياض جي پاڪستان حواليءَ بابت ڪا وڏي اڳڀرائي متوقع آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.