ٻن هفتن جي جنگ کانپوءِ آمريڪا دنيا کان روسي تيل خريدڻ لاءِ منٿون پيو ڪري: ايران

تهران (م ڊ) ايران جي پرڏيهي وزير عباس عراقچي آمريڪي پاليسين تي ٽوڪ ڪندي چيو آهي ته ايران سان رڳو ٻن هفتن جي جنگ آمريڪا کي دنيا آڏو روسي تيل لاءِ هٿ ٽنگڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو آهي. سوشل ميڊيا تي جاري بيان ۾ هن چيو ته آمريڪا جيڪو اڳي ڀارت کي روس کان تيل وٺڻ کان روڪي  رهيو هو، سو هاڻي پنهنجي معاشي ضرورتن خاطر دنيا کي روسي تيل خريدڻ لاءِ تيار ڪري رهيو آهي. عراقچي يورپي ملڪن کي به نشانو بڻائيندي چيو ته کين آمريڪا کان وڏيون اميدون هيون جيڪي پوريون نه ٿيون. ٻئي طرف، ايران انساني همدرديءَ ۽ لاڳاپن جي بنياد تي ڀارتي ايل پي جي جهازن کي پنهنجي سمنڊ مان گذرڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.