ايران خلاف ڪارروائي ”مسيحا “جي واپسي لاءِ رستو هموار ڪري رهي آهي:نيتن ياهو

تل ابيب/واشنگٽن (م ڊ) ايران خلاف جاري ويڙهه ۾ مذهبي اصطلاحن جي استعمال عالمي ماهرن کي حيران ڪري ڇڏيو آهي. اسرائيلي وزيراعظم بنيامن نيتن ياهو دعويٰ ڪئي آهي ته ايران خلاف کين فوجي ڪارروائي اصل ۾ ’مسيحا جي واپسي‘ لاءِ رستو تيار ڪري رهي آهي. ٻئي پاسي، آمريڪي صدر ڊونلڊ  ٽرمپ ايران سان ڇڪتاڻ دوران ايونجيليڪل مسيحي حلقن سان ويجهڙائي وڌائي ڇڏي آهي. آمريڪي فوجي حلقن ۾ اهڙا بيان سامهون اچي رهيا آهن ته ٽرمپ کي ”روحاني طور“ چونڊيو ويو آهي. ماهرن جو چوڻ آهي ته جنگ کي ”مقدس جنگ“ جو نالو ڏيڻ سان سفارتي حل جا رستا بند ٿي سگهن ٿا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.