بيجنگ/اسلام آباد (م ڊ) چين پاڪستان ۽ افغانستان جي وچ ۾ تيزي سان وڌندڙ ڇڪتاڻ کي گهٽائڻ لاءِ سرگرم ٿي ويو آهي. چيني پرڏيهي وزارت جي ترجمان موجب، پرڏيهي وزير وانگ يي پنهنجي افغان هم منصب سان رابطو ڪري کين تحمل جو مظاهرو ڪرڻ جو مشورو ڏنو آهي. چين ٻنهي اسلامي ملڪن تي زور ڀريو آهي ته اهي فوري طور جنگ بندي ڪري ڳالهين جو رستو اختيار ڪن. چين جا خاص ايلچي هن وقت اسلام آباد ۽ ڪابل جي وچ ۾ رابطا ڪرائڻ لاءِ سرگرم آهن ته جيئن سرحدي ڇڪتاڻ کي ڊيپلوميٽڪ طريقي سان حل ڪري سگهجي.