ملڪ ۾ تيل جا اطمينان جوڳا ذخيرا آهن: ناڻي وارو وزير

اسلام آباد (بيورو) ناڻي واري وزير جي صدارت هيٺ پيٽروليم قيمتن جي نگراني ڪندڙ ڪميٽي جو اهم اجلاس ٿيو، جنهن ۾ ملڪ اندر تيل جي ذخيرن جي  صورتحال تي غور ڪيو ويو. اجلاس کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ويو ته ملڪ ۾ خام تيل ۽ پيٽروليم شين جا ذخيرا مناسب سطح تي آهن ۽ عالمي ڇڪتاڻ جي باوجود تيل جي فراهمي کي ڪو به خطرو ناهي. ڪميٽي سپلاءِ چين جي رواني ۽ ايندڙ شپمينٽس جي انتظامن تي اطمينان جو اظهار ڪندي چيو ته عوام کي پريشان ٿيڻ جي ضرورت ناهي، تيل جي فراهمي مسلسل جاري رهندي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.