بغداد (م ڊ) عراق جي دارالحڪومت بغداد ۾ آمريڪي سفارتخاني تي حملو ٿيو، جنهن جي نتيجي ۾ عمارت مان دونهون اڀريو، خابروادارن رائٽرز ۽ ايسوسيئيٽڊ پريس موجب آمريڪي سفارتخاني کي ميزائل سان نشانو بڻايو ويو، جڏهن ته اي ايف پي موجب حملو ڊرون ذريعي به ٿي سگهي ٿو، اي ايف پي جي رپورٽن موجب هي حملو عراق جي دارالحڪومت تي ٻن ايران حمايتي جنگجوئن جي مارڻ کان فورن بعد ٿيو، بغداد ۾ سيڪيورٽي اختيارين جو چوڻ آهي ته آمريڪي مشن کي هڪ حملي ۾ نشانو بڻايو ويو.