افغان حڪومت شهرين کي نشانو بڻائي ريڊ لائن اورانگهي ورتي:صدر آصف علي زرداري

اسلام آباد (بيورو) صدرِ آصف علي زرداري افغان طالبان حڪومت پاران پاڪستاني شهري علائقن تي ڪيل ڊرون حملن جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو آهي ته افغان انتظاميا شهرين کي نشانو بڻائي ريڊ لائن اورناگهي ورتي آهي. ايوانِ صدر مان جاري ڪيل بيان ۾ صدر چيو ته افغانستان جي غير قانوني حڪومت دهشتگرد گروپن کي محفوظ پناهگاهون فراهم نه ڪرڻ واري پنهنجي واعدي تان لاڳيتو ڦري رهي آهي ۽ هاڻي هڪ وڏي اسلامي عسڪري طاقت کي مڇرايو پيو وڃي. صدر آصف علي زرداري وڌيڪ چيو ته هڪ پاسي افغان حڪومت دوست ملڪن سان ڳالهين جي خواهشمند آهي ته ٻي پاسي پاڪستاني شهرين کي نشانو بڻائي سنگين نتيجن  کي دعوت ڏئي رهي آهي. صدر موجب، پاڪستان نار خطي ۽ اولهه ايشيا ۾ امن ۽ استحڪام کي هٿي ڏيڻ جي ڪوششن ۾ مصروف آهي. هن چيو ته پاڪستان خطي ۾ امن جو حامي آهي، پر پنهنجي دفاع تي ڪا به سوديبازي نه ڪندو. صدر زرداري ڪوئيٽا، ڪوهاٽ ۽ راولپنڊي ۾ ڊرون جي ملبي سبب زخمي ٿيل ٻارن ۽ شهرين جي جلد صحت يابي لاءِ دعا ڪئي ۽ چيو ته پاڪستاني هٿياربند فوج عوام جي تحفظ لاءِ مڪمل طور تي تيار آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.