خيرپور(رپورٽ: مختيار ڦلپوٽو) خيرپور ۾ ٿرڊ سول جج ۽ جڊيشل مئجسٽريٽ خيرپور عبدالحڪيم سانگي طرفان ٻٻرلوءِ پوليس طرفان جعلي مقابلي ۾ ٻن ڄڻن کي مارڻ واري معاملي تي نوٽيس وٺڻ وارو معاملو عدالت جي حڪم تي ڊي ايس پي سٽي خيرپور ۽ ٻٻرلوءِ ٿاڻي جي اسسٽنٽ ايس ايڇ او سميت مقابلي ۾ ماريل شاهنواز ميراڻي جي ڀيڻ عدالت ۾ پيش ٿيا، ڊي ايس پي ۽ اسسٽنٽ ايس ايڇ او عدالت کي مطمئن نه ڪري سگهيا جنهن تي عدالت معاملي جي جاچ ايف آءِ جي حوالي ڪري ڇڏي، ياد رهي ته سوشل ميڊيا ۽ اخبارن ۾ ٻٻرلوءِ پوليس طرفان ارشاد ولد شاهنواز ميراڻي ۽ نور احمد ولد گل حسن بروهي کي ٻٻرلوءِ پوليس طرفان گرفتار ڪرڻ بعد جعلي پوليس مقابلي ۾ مارڻ واريون خبرون نشر ٿيڻ کان پوءِ عدالت طرفان پاڻ مرادو نوٽيس وٺندي ڌُرين کي عدالت ۾ طلب ڪيو ويو هو جنهن جي اڄ ٻُڌڻي رکيل هئي، عدالت هاڻ ڪيس جي جاچ ايف آءِ اي حوالي ڪري ڇڏي آهي.