سلامتي ڪائونسل جو اجلاس: امن جي اُميد

ديدار شام

جيئن ته وچ اوڀر، هميشه عالمي سياست جو مرڪز رهيو آهي. هتي ٿيندڙ هر سياسي يا عسڪري تبديلي سڄي دنيا تي اثر وجهي ٿي. موجوده ڏينهن ۾ ايران، اسرائيل ۽ آمريڪا جي وچ ۾ وڌندڙ عسڪري ڇڪتاڻ هڪ ڀيرو ٻيهر دنيا کي پريشان ڪري ڇڏيو آهي. هن تڪرار سبب نه رڳو علائقي ۾ جنگ جو خطرو وڌي ويو آهي، پر عالمي معيشت، توانائي جي مارڪيٽن ۽ سفارتي لاڳاپن تي به ان جا اثر ظاهر ٿي رهيا آهن، ساڳئي وقت ايران ۾ نئين سپريم ليڊر جي چونڊ به عالمي سياست ۾ هڪ اهم موڙ بڻجي سامهون آئي آهي.وچ اوڀر جو علائقو تاريخي، مذهبي ۽ معاشي لحاظ کان انتهائي اهميت رکي ٿو. دنيا جي وڏي حصي جو تيل ۽ گئس هن علائقي ۾ موجود آهي، جنهن سبب عالمي طاقتور ملڪ هميشه هن خطي جي سياست ۾ دلچسپي وٺندا رهيا آهن.

ان کان علاوه هن علائقي ۾ ڪيترائي اهم مذهبي ماڳ موجود آهن، جنهن ڪري به هتي جي سياست حساس بڻجي ويندي آهي. جڏهن به هتي جنگ يا تڪرار پيدا ٿيندو آهي ته ان جا اثر عالمي سطح تي محسوس ڪيا ويندا آهن. ايران ۽ اسرائيل وچ ۾ سياسي اختلافن جي تاريخ ڪيترن ئي ڏهاڪن تي پکڙيل آهي. ايران اسرائيل کي علائقي ۾ پنهنجي مفادن لاءِ خطرو سمجهي ٿو، جڏهن ته اسرائيل ايران جي عسڪري صلاحيتن ۽ علائقائي اثر کان پريشان رهيو آهي. آمريڪا اسرائيل جو ويجهو اتحادي رهيو آهي ۽ ڪيترن ئي معاملن ۾ اسرائيل جي حمايت ڪندو رهيو آهي، جنهن سبب ايران ۽ آمريڪا وچ ۾ به سياسي ڇڪتاڻ وڌندي رهي آهي.

ويجهن مهينن دوران علائقي ۾ ڪيترائي عسڪري واقعا رپورٽ ٿيا آهن، جنهن سبب ڇڪتاڻ وڌي وئي آهي. ٻنهي ڌرين طرفان هڪ ٻئي تي حملا ۽ جوابي ڪارروائيون رپورٽ ٿيڻ سبب عالمي برادري کي خدشو پيدا ٿيو آهي ته جيڪڏهن صورتحال تي ضابطو نه آندو ويو ته هي تڪرار وڏي علائقائي جنگ ۾ تبديل ٿي سگهي ٿو.جڏهن ته جنگ جي خطري کي نظر ۾ رکندي عالمي برادري تڪرار کي روڪڻ لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي. گڏيل قومون بار بار اپيل ڪري رهي آهي ته سڀئي ڌريون صبر کان ڪم وٺن ۽ ڳالهين ذريعي مسئلي جو حل ڳولين. روس ۽ چين پڻ سفارتي حل جي حمايت ڪندي سڀني ڌرين کي جنگ کان پاسو ڪرڻ تي زور ڏئي ريا آهن،

وچ اوڀر جا ڪجهه ملڪ جهڙوڪ ترڪي، مصر، عمان ۽ قطر امن لاءِ ڪردار ادا ڪري رهيا آهن ۽ سفارتي رابطا ڪري رهيا آهن ته ڇڪتاڻ گهٽجي ۽ ڳالهين جو ماحول پيدا ٿئي. انهن ملڪن جو خيال آهي ته جيڪڏهن جنگ وڌي وئي ته سڄو علائقو سياسي ۽ معاشي بحران جو شڪار ٿي سگهي ٿو.

جنگي بندي جي حوالي سان ايران جي قيادت واضح ڪيو آهي ته جيستائين اسرائيل ۽ آمريڪا پنهنجا حملا بند نٿا ڪن، تيستائين جنگ بندي ممڪن نه ٿيندي. ايران جو موقف آهي ته هو پنهنجي قومي سلامتي ۽ خودمختياري جي دفاع لاءِ ڪارروائي ڪري رهيو آهي.

ٻئي طرف، تازو گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل ۾ عرب ملڪن طرفان ايران خلاف مذمتي قرارداد پيش ڪئي وئي جيڪا ووٽنگ کان پوءِ منظور ٿي وئي. هن ووٽنگ دوران ڪجهه ملڪن قرارداد جي حمايت ڪئي، جڏهن ته روس ۽ چين ووٽ ڏيڻ کان پاسو ڪيو، جنهن عمل کي پڻ ايران جي حمايت ۾ نٿو ورتو وڃي، جنهن سبب علائقائي سفارتڪاري ۾ نوان بحث شروع ٿي ويا.

جيتوڻيڪ ته ايران جي نئين سپريم ليڊر تي عالمي ردعمل وري ڪجهه هن طرح سان سامهون آيو آهي، ايران ۾ نئين سپريم ليڊر جي چونڊ بعد دنيا جي مختلف ملڪن طرفان مختلف ردعمل سامهون آيا. مجتبیٰ خامنه اي کي نئون سپريم ليڊر بڻائڻ بعد ڪجهه ملڪن مبارڪباد ڏني جڏهن ته ڪجهه مغربي ملڪن تنقيد ڪئي. مبارڪباد ڏيندڙ ملڪ، روس، عمان، عراق ۽ آذربائيجان، جن تعاون جاري رکڻ جي اميد ظاهر ڪئي. جڏهن ته مبارڪباد نه ڏيندڙ ملڪ، آمريڪا ۽ اسرائيل خدشن جو اظهار ڪيو آهي، جڏهن برطانيا، فرانس ۽ جرمني اڃا تائين رسمي طور تي به مبارڪباد جاري نه ڪئي آهي.

وچ اوڀر ۾ جاري ڇڪتاڻ جو سڌو اثر عالمي معيشت تي هيئن پئجي رهيو آهي،  برينٽ ڪروڊ آئل جي قيمت جنگ کان اڳ 92 ڊالر في بيرل هئي، جيڪا ڇڪتاڻ وڌڻ بعد وڌي 114 کان 119 ڊالر في بيرل تائين پهچي وئي آهي، يعني تيل جي قيمتن ۾ لڳ ڀڳ 23 سيڪڙو واڌ رڪارڊ ڪئي وئي آهي.

دنيا جي لڳ ڀڳ 20 سيڪڙو تيل جي واپار جو گذر هرمز جي سامونڊي رستي مان ٿيندو آهي، جيڪڏهن هتي رڪاوٽ پيدا ٿئي ته عالمي تيل جي قيمتن ۾ وڌيڪ واڌ ٿي سگهي ٿي. ان بحراني صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ عالمي توانائي ايجنسي (IEA) طرفان هنگامي قدم کنيا ويا ۽ ميمبر ملڪن گڏجي تقريباً 400 ملين بيرل تيل جا ذخيرا مارڪيٽ ۾ ڇڏڻ جو اعلان ڪيو آهي. عالمي اسٽاڪ مارڪيٽن ۾ به غير يقيني صورتحال پيدا ٿي آهي، جڏهن ته مهانگائي ۾ اضافي جا خدشا وڌي ويا آهن. معاشي ماهرن جو خيال آهي ته جيڪڏهن تڪرار ڊگهو هليو ته دنيا ۾ مهانگائي، توانائي جي کوٽ ۽ اقتصادي سست رفتاري (Stagflation) جو خطرو وڌي سگهي ٿو.

هلندڙ جنگ دوران سڀ کان وڏو ۽ دردناڪ نقصان انساني جانين جي صورت ۾ سامهون اچي ٿو. عسڪري ڪارروائين سبب ڪيترائي ماڻهو شهيد ۽ زخمي ٿيا آهن، جنهن ۾ عام شهري، عورتون ۽ ٻار به شامل آهن، تنهن ڪري  موجوده صورتحال مان لڳي ٿو ته عالمي قوتون جنگ کي روڪڻ لاءِ سنجيده ڪوششون ڪري رهيون آهن، پر سياسي اختلاف اڃا به برقرار آهن، پر ايران جي موقف ۾ به تبديلي ڏسڻ ۾ اچي ٿي، شروعات ۾ ايران جو موقف سخت هو ۽ چئي رهيو هو ته جنگ ڪنهن به صورت ۾ نه ختم نه ٿيندي!، پر هاڻي ايران جي قيادت پنهنجي شرط سان آمادگي ڏيکاري رهي آهي ته جيڪڏهن اسرائيل حملا بند ڪري، ته سفارتي عمل ڪامياب ٿي سگهي ٿو ۽ علائقي ۾ امن قائم ٿي سگهي ٿو.ان جو مطلب اهو آهي ته جنگ کي روڪڻ جو رستو ممڪن آهي، پر پهريون قدم اسرائيل طرفان حملا بند ڪرڻ هجڻ گهرجي. جيڪڏهن سفارتي ڪوششون ڪامياب ٿيون ته اميد آهي ته جنگ بندي ۽ امن ڳالهين جو رستو کلي سگهي ٿو، ۽ وچ اوڀر ۾ ڇڪتاڻ گهٽجي سگهي ٿي. پر جيڪڏهن ڇڪتاڻ جاري رهي، ته وچ اوڀر جو هي تڪرار نه رڳو علائقي، پر سڄي دنيا لاءِ سياسي، معاشي ۽ انساني بحران پيدا ڪري سگهي ٿو. عالمي معيشت، توانائي مارڪيٽون، ۽ انساني زندگي تي به ان جا منفي اثر جاري رهندا، جنهن سبب عالمي برادري کي وڌيڪ سنجيده ۽ گڏيل قدم کڻڻا پوندا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.