ڪوھستان مالياتي اسڪينڊل: گرفتار جوابدار جو گهر منجمد ڪرڻ جو حڪم معطل

پشاور (م ڊ) عدالت ڪوھستان مالياتي اسڪينڊل ۾ گرفتار جوابدار طاهر تنوير جو گهر منجمد ڪرڻ جو حڪم معطل ڪري ڇڏيو، هاءِ ڪورٽ ۾ جوابدار طاهر تنوير جي گهر کي منجمد ڪرڻ خلاف داخل درخواست تي ٻڌڻي جسٽس صاحبزادا  اسدالله ۽ جسٽس صلاح الدين تي ٻڌل ٻه رڪني بينچ ڪئي، ٻڌڻي دوران عدالت نيب طرفان درخواست گذار جو گهر منجمد ڪرڻ وارو آرڊر معطل ڪري ڇڏيو ۽ نيب کي نوٽيس جاري ڪندي ايندڙ ٻڌڻي تي جواب طلب ڪري ورتو، درخواست گذار جي وڪيل عمر فاروق آدم ايڊووڪيٽ عدالت کي ٻڌايو ته درخواست گذار هڪ نجي بئنڪ جي داسو برانچ ۾ مينيجر هو ۽ ڪوھستان اسڪينڊل ۾ گرفتار آهي.

سٽي ڪائونسل اجلاس ۾ حڪومتي ۽ مخالف ڌر ميمبر آمهون سامهون

ڪراچي (رپورٽر) بلديه عظميٰ ڪراچي جي سٽي ڪائونسل جو اجلاس ميئر ڪراچي بئرسٽر مرتضيٰ وهاب جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن دوران حڪومتي ۽ اپوزيشن ميمبرن وچ ۾ ڇڪتاڻ پيدا ٿي وئي،  اجلاس دوران ايراني سپريم ليڊر آيت الله خامنه اي جي درجن جي بلندي لاءِ قرارداد پيش ڪئي وئي جيڪا منظور ڪئي وئي، اجلاس ۾ اپوزيشن ليڊر سيف الدين ايڊووڪيٽ چيو ته آمريڪا عرب رياستن ۾ پنهنجا اڏا قائم ڪري رکيا آهن ۽ اسلامي ملڪ ايران تي بمباري ڪري رهيو آهي، پاڪستان عوام جون دليون سمورن اسلامي ملڪن لاءِ دڙڪن ٿيون، پاڪستان کي فري پيس بورڊ کان الڳ ٿيڻ گهرجي، پارلياماني ليڊر تحريڪ انصاف مبشر احمد چيو ته ايران تي آمريڪي ۽ اسرائيلي حملن جي پاڪستان تحريڪ انصاف مذمت ڪري ٿي ۽ ايراني قوم جي بهادري کي خراج تحسين پيش ڪري ٿي، ڪرم الله وقاصي چيو ته آيت الله خامنه اي کي بي دردي سان شهيد ڪيو ويو آهي ۽ مسلمان امت کي گڏيل سوچ جي ضرورت آهي، سندس خطاب دوران اپوزيشن طرفان سخت نعريبازي ۽ احتجاج ڪيو ويو، جنهن بعد حڪومتي ۽ اپوزيشن ميمبر آمهون سامهون ٿي ويا، اجلاس دوران گل پلازا سانحي جي متاثرن سان همدردي لاءِ قرارداد به منظور ڪئي وئي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.