ڪراچي (عوامي آواز رپورٽ) پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ خميس ڏينهن ڪاروبار دوران سخت ٻاڙائي جو رجحان رهيو. علائقائي سياسي صورتحال ۽ جغرافيائي ڇڪتاڻ سبب ڪي ايس اي 100 انڊيڪس سڄو ڏينهن لاهي چاڙهي جو شڪار رهڻ بعد 1,437.04 پوائنٽن جي لاٿ سان بند ٿيو. مارڪيٽ جي شروعات ۾ انڊيڪس هيٺ ويو پر ڪجهه وقت لاءِ خريداري ۾ دلچسپي سبب 157,080 جي بلند ترين سطح تي پهتو، پر اهو سلسلو گهڻو دير هلي نه سگهيو. منجهند کانپوءِ سيڙپڪارن پاران منافعو ڪمائڻ لاءِ شيئرز جو وڪرو شروع ڪيو ويو، جنهن ڪري مارڪيٽ 0.92 سيڪڙو جي گهٽتائي سان 154,421.43 جي سطح تي بند ٿي. اينگرو هولڊنگز، سس گروپ، ۽ سروس انڊسٽريز انڊيڪس ۾ 745 پوائنٽن جو واڌارو ڪيو. جڏهن ته يونائيٽيڊ بئنڪ (يو بي ايل)، لڪي سيمينٽ، او جي ڊي سي ۽ حبڪو مارڪيٽ تي دٻاءُ وڌو، جنهن سان انڊيڪس ۾ 972 پوائنٽن جي لاٿ آئي. آءِ ايم ايف سان ڳالهين ۾ هاڪاري اڳڀرائي جي رپورٽن باوجود، وچ اوڀر ٰ ۾ تڪرار ۽ آبنائي هرمز ۾ تيل جي جهازن تي حملن جي خبرن عالمي مارڪيٽن سميت پاڪستاني مارڪيٽ کي به متاثر ڪيو. مارڪيٽ ۾ 404 ملين شيئرز جو ڪاروبار ٿيو، جنهن ۾ هيسڪول پيٽرول، ڪي اليڪٽرڪ ۽ دوست اسٽيل سرفهرست رهيا.