تل ابيب(م ڊ)اسرائيل ۾ ايراني ميزائلن جي ڪري ٿيندڙ تباهي جا منظر سامهون آيا آهن. اسرائيل ۾ هڪ هندستاني عورت رپورٽر ايراني ميزائلن جي ڪري ٿيندڙ تباهي جا منظر ڏيکاريا. هندستاني رپورٽر تازو ئي هڪ ايراني ميزائل جي جاءِ تي پهتي جيڪو بيت شيمش ۾ هڪ بم شيلٽر (بنڪر) سان ٽڪرايو ۽ اهڙا منظر ڏيکاريا جن ۾ هر هنڌ ملبو پکڙيل هو.رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته هي بنڪر ايراني ميزائلن کان بچاءُ لاءِ ٺاهيو ويو هو، پر بنڪر تباهه ٿي ويو جڏهن 500 ڪلوگرام وار هيڊ سان هڪ ميزائل ڪري پيو. رپورٽر موجب، ميزائل حملي ۾ 9 اسرائيلي مارجي ويا ۽ 50 کان وڌيڪ اسرائيلي زخمي ٿيا.