مڪلي باءِ پاس وٽ ڊمپر جهوپڙين مٿان چڙهي ويو، عورت پٽ ۽ ڌيءَ سوڌو فوت

ٺٽو/مڪلي(رپورٽ: منصور جلالاڻي/ اياز جلالاڻي) مڪلي ۾ خوفناڪ حادثو، ڊمپر باگڙي برادري جي جھوپڙين مٿان چڙھي ويو، ماءُ پٽ ۽ ڌيءَ سوڌو فوت ٿي وئي، ھڪ ٻارڙو زخمي، مڪلي باءِ پاس تي ڊمپر  باگڙي برادري جي جھوپڙين مٿان چڙھي ويو، جنھن جي نتيجي ۾ 45 سالن جي گُڏي زال درزي، سندس پُٽ 26 سالن جو امير ۽ سندس ڌيءُ 6 سالن جي جانڪي ڇيپاٽجي موقعي تي فوت ٿي ويا، جڏهن ته 3 سالن جو بادل ولد درزي باگڙي زخمي ٿي پيو، فوتين جا لاش ۽ زخمي ٻارڙو سول اسپتال مڪلي پھچايو ويو، ٻار جي حالت نازڪ ھجڻ ڪري کيس وڌيڪ علاج لاءِ ڪراچي روانو ڪيو ويو، ٻڌايو پيو وڃي ته سمورا فوتي ۽ زخمي ھڪ ئي خاندان جا ماڻھو آھن، جيڪي ھتي پورهيو ڪرڻ آيا هئا، جن سان حادثو پيش آيو آھي، ڊمپر ڊرائيور ڊمپر ڇڏي فرار ٿي ويو، پوليس ڊمپر کي تحويل ۾ وٺي فرار ٿيل ڊمپر ڊرائيور جي ڳولا جاري ڪري ڇڏي، حادثي جو شڪار بڻيل باگڙي برادري موجب ھُو پنھنجي گھرن ۾ ستل ھئا ته اوچتو ڊمپر اسان جي مٿان چڙھي ويو، جن ۾ اسان جا 3 گھر ڀاتي جانڪي، گُڏي ۽ امير چيڀاٽي موقعي تي فوت ٿي ويا، اسان سان وڏو ظلم ٿيو آھي،  هيوي گاڏين جي اچ وڃ تي پابندي لڳائي وڃي، ٻئي پاسي وڏي وزير سيد مراد علي شاھ حادثي جو سختي سان نوٽيس وٺندي ضلعي انتظاميا ۽ پوليس کان واقعي جي تفصيلي رپورٽ طلب ڪندي زخمي ٻارڙي جو بھتر علاج ڪرڻ جون ھدايتون ڏيندي چيو ته واقعو انتھائي افسوسناڪ آھي، متاثرن سان گھري ڏُک ۽ غم جو اظھار ڪريون ٿا، متاثر خاندان سان ھر ممڪن سھڪار ڪيو ويندو، صوبائي وزير علي حسن زرداري، صوبائي وزير رياض حسين شاھ شيرازي، اڳوڻي صوبائي وزير ۽ سينيٽر سسئي پليجو، صادق علي ميمڻ، غلام قادر پليجو ۽ ٻين فوت ٿيلن جي وارثن  سان ڏک جو اظهار ڪيو آهي، جڏهن ته ڊمپر جي ٽڪر ۾ هڪ ئي گهر جي ٽن ڀاتين جي فوت ٿيڻ واري واقعي ۽ ٺٽي مڪلي جي شھري آبادين مان هيوي گاڏين جي گذر خلاف جساف ٺٽو پاران مڪلي تي احتجاجي ريلي ڪڍي مظاهرو ڪيو ويو، اڳواڻن چيو ته باگڙي برادري سان وڏو سانحو  پيش آيو آهي، هيوي گاڏين جي گذر سبب حادثا ٿي رهيا آهن، تيز رفتار ڊمپرن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.