اربين رپين جي لاڳت سان لڳايل اي چالان سسٽم جو ڀانڊو ڦاٽي پيو

ڪراچي (رپورٽر) اربين رپين جي لاڳت سان شهر ۾ لڳايل اي چالان سسٽم جو ڀانڊو عدالت ۾ ڦاٽي پيو، پبلڪ ٽرانسپورٽ ۾ هلندڙ هڪ بس جو اي چالان عدالت ۾ چئلينج ڪيو ويو، بس اونرز ايسوسيئيشن جي صدر فاروق احمد پنهنجي وڪيل منصف جان ايڊووڪيٽ وسيلي سيڪريٽري ٽرانسپورٽ، آر ٽي اي، ڊي آءِ جي ٽريفڪ ۽ ٻين کي ڌر بڻائيندي موقف اختيار ڪيو ته ڪمپني طرفان تيار ڪيل بس ۾ رفتار ماپڻ وارو ميٽر 120 ڪلوميٽر في ڪلاڪ تائين آهي، هن چيو ته گاڏي ان رفتار کان وڌيڪ تيز هلائي ئي نٿي سگهجي، پر شهر ۾ لڳايل ڪئمرائن منهنجي اصل جي گاڏي جي  رفتار ڊرائيونگ دوران 160 ڪلوميٽر في ڪلاڪ ظاهر ڪري اي چالان جاري ڪيو، جيڪو لڳايل سسٽم تي سوال پيدا ڪري ٿو، درخواست ۾ عدالت عاليه کان اپيل ڪئي وئي ته اختيارين طرفان لڳايل ڪئمرائن ۽ گاڏين جي رفتار مانيٽر ڪرڻ واري ٽريڪنگ سسٽم جي غيرجانبدار ماهرن کان مڪمل جاچ ڪرائي وڃي ۽ ڳرن ڏنڊن وارا چالان رد ڪرڻ جو حڪم ڏنو وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.