ميرپورخاص ڀرسان گهٽي معاملي تان جوابدار هٿان سالو قتل

ميرپورخاص(بيورورپورٽ) ميرپورخاص ڀرسان گهر جي گهٽي تان پيدا ٿيل اختلافن ۽ جهيڙي بعد ڀيڻيووي هٿان سالو قتل،  جوابدار گرفتار، ڳوٺ ڪاڪ بنگلو ويجهو ڀيڻيووي رامجي ڪولهي پنهنجي سالي والجي ڪولهي کي ڪهاڙين جا وار ڪري قتل ڪرڻ بعد ڳوٺ ويجهو اڇلائي فرار ٿي ويو، قتل ٿي ويل نوجوان والجي جي لاش روڊ لڳ پيل هجڻ جي اطلاع تي حد جي تعلقي ٿاڻي جي پوليس لاش کڻائي سول اسپتال ميرپورخاص منتقل ڪيو جتان پوسٽ مارٽم بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو، پوليس ذريعن موجب پوليس قاتل کي گرفتار ڪري اڻڄاتل هنڌ منتقل ڪري جاچ شروع ڪري ڏني، ڪيس داخل نه ٿي سگھيو، پوليس ٻڌايو ته وارثن موجب سالي ڀيڻيووي ۾ گهر جي گهٽي تان تڪرار هلندڙ هو جنهن ۾ ٻنهي جو اڳ به جهيڙو ٿيو هو اڄ جوابدار رامجي ڪولهي وارو ملڻ تي ڪهاڙين جا وار ڪري پنهنجي سالي کي قتل ڪري ڇڏيو، نوجوان جا وارث تدفين ۾ رڌل هجڻ ڪري ڪيس داخل ڪرائڻ ناهن آيا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.