ڪراچي (عوامي آواز رپورٽ) ڪراچي جي علائقي ڪورنگي انڊسٽريل ايريا جي مهراڻ ٽائون ۾ تيار ڪيل هڪ 10 فوٽ بلند شيطاني مجسمي جي وڊيو وائرل ٿيڻ کانپوءِ پوليس فوري ڪارروائي ڪندي مجسمي کي قبضي ۾ وٺي ٿاڻي منتقل ڪري ڇڏيو آهي. سوشل ميڊيا تي وائرل وڊيو ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته روڊ ڪناري هڪ وڏو سڱن وارو مجسمو موجود آهي، جنهن تي شهرين سخت ڳڻتي جو اظهار ڪيو هو. ايس ايڇ او ناصر محمود موجب، پوليس ڇاپو هڻي مجسمو تيار ڪندڙ ڪاريگر کي حراست ۾ ورتو، جنهن ٻڌايو ته هي مجسمو ٿرماپول مان تيار ڪيو ويو هو. پوليس جي جاچ موجب، هڪ مقامي مذهبي جماعت يوم القدس جي موقعي تي احتجاج طور هن مجسمي کي ساڙڻ لاءِ آرڊر ڏنو هو. ياد رهي ته گذريل مهيني ايران ۾ به اسلامي انقلاب جي سالگرهه تي مظاهرين بعل نالي اهڙي ئي مجسمي کي ساڙيو هو، جيڪو باطل قوتن جي نشاني طور استعمال ڪيو ويندو آهي. پوليس هاڻي مجسمو تيار ڪندڙ کي آزاد ڪري ڇڏيو آهي. تاريخي طور تي هي بت شرڪ ۽ باطل معبود جي علامت سمجهيو ويندو آهي.