پاڪستان، عمان، مصر ۽ ترڪي جون ايران سان پردي پٺيان ڳالهيون

ڪراچي(عوامي آواز نيوز)علائقي جا ڪيترائي اهم ملڪ ايران ۽ آمريڪا جي وچ ۾ ڇڪتاڻ گهٽائڻ ۽ ممڪن معاهدي يا گهٽ ۾ گهٽ جنگبندي جي راهه هموار ڪرڻ لاءِ پردي پٺيان سفارتي سرگرمين ۾ مصروف آهن، هن حوالي سان تفصيلن کان آگاهه هڪ ذريعي ٻڌايو ته پاڪستان، عمان، مصر ۽ ترڪي جا سينيئر عملدار ايراني قيادت جي اعليٰ عهديدارن سان خاموش سفارتي رابطن ۽ ملاقاتن جو سلسلو جاري رکيو ويٺا آهن ته جيئن تهران کي اڳوڻي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي انتظاميا سان ڳالهيون شروع ڪرڻ لاءِ آماده ڪيو وڃي، ذريعن موجب انهن چئنهي ملڪن جا عملدار لڳاتار ڪوششون ڪري رهيا آهن ته ايران آمريڪا سان ڳالهين جو رستو اختيار ڪري ته جيئن ڪنهن ممڪن معاهدي يا گهٽ ۾ گهٽ جنگبندي جي صورت نڪري سگهي، جڏهن ته هيستائين ايران ڪنهن باقاعده معاهدي تي ڳالهيون شروع ڪرڻ کان انڪار ڪيو آهي ۽ هن معاملي ۾ سخت مؤقف برقرار رکيو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.