نار وارن ملڪن تي حملن خلاف سلامتي ڪائونسل ۾ قرارداد، پاڪستان جي حمايت

اسلام آباد/نيويارڪ(امتياز گل)آمريڪا روس جي ايران کان جنگ ختم ڪرڻ واري قرارداد کي ويٽو ڪري ڇڏيو،سلامتي ڪائونسل ۾  روس جي طرفان پيش ڪيل جنگ بندي واري قرارداد منظور نه ٿي سگهي، جنهن ۾ 4 ووٽ حق ۾، 2 مخالفت ۾ ۽ 9 ميمبر غير حاضر رهيا.ٻئي پاسي، سلامتي ڪائونسل ۾ ايران جي پاڙيسري ملڪن تي حملن جي خلاف قرارداد منظور ٿي وئي، جنهن ۾ ايران کان مطالبو ڪيو ويو ته نار وارين رياستن تي حملا فورن روڪيا وڃن،نار وارن ملڪن جي حمايت ۾  قرارداد جي حق ۾ 13 ووٽ آيا، جڏهن ته ايران جي حملن جي مذمت واري قرارداد تي چين ۽ روس غير حاضر رهيا. پاڪستان نار وارن  ملڪن جي قرارداد جي حق ۾ ووٽ ڏنو.قرارداد ۾ چيو ويو آهي ته ايران جا حملا عالمي قانونن جي خلاف آهن ۽ عالمي امن ۽ سلامتي لاءِ سنگين خطرو آهن.روسي نمائندي سلامتي ڪائونسل ۾ خطاب ڪندي واضح ڪيو ته امريڪا ۽ اسرائيل جا ايران تي حملا وچ اوڀر جي صورتحال کي خراب ڪري ڇڏيا آهن. ڪنهن به ملڪ جي شهري آبادي تي حملو ناقابل قبول آهي، ايران تي حملا فوراً بند ڪيا وڃن.چيني نمائندي چيو ته تڪرارن جو حل صرف ڳالهين سان ئي ممڪن آهي. جنگ ڪنهن جي مفاد ۾ ناهي، اقوام متحده ۾ پاڪستان جي مستقل نمائندي عاصم افتخار چيو آهي ته پاڪستان نه صرف ايران تي آمريڪي ۽ اسرائيلي حملن جي مذمت ڪئي آهي، پر گڏوگڏ يو اي اي تي ايران جي حملن ۾ ٻه پاڪستاني پڻ شهيد ٿيا. ايران تي حملا عالمي امن لاءِ خطرو بڻيا آهن.سيڪيورٽي ڪائونسل ۾ پيش ڪيل قراردادون اولهه جي  ملڪن جي منافقت جي عڪاسي ڪن ٿيون ٻئي طرف، ايران کي نقصان پهتو آهي: تقريباً 1,350 ماڻهو شهيد ۽ 17,000 زخمي ٿيا آهن، جن ۾ 1,100 کان وڌيڪ ٻار شامل آهن. گڏوگڏ، آمريڪي ۽ اسرائيلي حملن ۾ 3,000 کان وڌيڪ گهر، 14 اسپتالون، مهرباد ايئرپورٽ ۽ فوجي اڪيڊمي نشانو بڻيا، ۽ توانائي جون تنصيبات ۽ پاڻي جون سهولتون به تباهه ٿيون.مجموعي طور تي، قراردادون ايران تي الزام لڳائين ٿيون، جڏهن ته آمريڪا، اسرائيل ۽ مغربي اتحادي ملڪن پاران ڪيل ابتدائي حملن کي نظرانداز ڪيو پيو وڃي.پاڪستان ۽ جاپان پهرين قرارداد تي ايران جي مخالفت ۾ ووٽ ڏنو، اسرائيل، آمريڪا ۽ مغربي اتحادي ايران ۾ معصوم ماڻهن جي خون سان پنهنجا مفاد حاصل ڪري رهيا آهن، پر سموري ذميواري ايران تي مڙهي پئي وڃي

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.