هڪ معصوم نينگري جا ماءُ جي هنج ۾ ٻاتا ٻول جهونگاريندي رهندي هئي، شايد اهو نه ڄاڻندي هئي ته هڪ ڏينهن دنيا سندس سرگوشين کي پنهنجو ترانو بڻائي ڇڏيندي،12 مارچ 1984ع تي ڀارتي رياست اولهه بنگال ۾ جنم وٺندڙ اها ٻارڙي اڳتي هلي سُر ۽ سنگيت جي راڻي بڻي ۽ اڄ هوءَ شريا گھوشال جي نالي سان ڄاتي وڃي ٿي.
ڪنهن اُداس سانجهيءَ ۾ مينهن جي ڦُڙ ڦُڙ، ڪنهن وڇوڙي جي گهڙي، ڪائي آخري هڏڪي، ڪو اڌورو خوابُ ۽ جيڪڏهن انهن سمورن احساسن کي ڪوئي ڇُهي سگهي ٿو ته اِهو آهي شريا گھوشال جو آوازُ…!
اھو رڳو چوڻ جي حد تائين ناهي، پر اِها اھڙي ڪيفيت آهي، جا شريا جا گيت ٻڌڻ کانپوءِ ھر حساس روح تي طاري ٿيندي آهي، هوءَ مٺڙي به آهي ته ڪوسي به آهي ۽ برسات جي بوسي جهڙي به آهي، اسان جو ننڍپڻ ۽ جواني سندس گيت حفظ ڪندي گذري آهي.
هن موسيقي جا شروعاتي سبق ائين سکيا هئا، جيئن ڪو پکي پهريون ڀيرو اُڏامڻ سکندو آهي.
ريئلٽي شو”سا ري گا ما“ کٽڻ شايد رڳو هڪ اتفاق هو، ڇاڪاڻ ته هيءَ ڇوڪري ٺهي ئي سُرن جي دنيا فتح ڪرڻ لاءِ هئي.
هندي سئنيما، خاص طور ٻه هزار کانپوءِ وارو بالي ووڊ، منهنجي ننڍپڻ جي يادن جو محور آهي.
ننڍپڻ جون يادون، پوءِ کڻي سٺيون هجن يا خراب، هميشه ذهن ۾ محفوظ رهنديون آهن، توهان ڪيڏا به وڏا ٿي وڃو، پر اهي گهڙيون، اهي آواز، لاشعور ۾ هميشه ڀٽڪندا رهندا آهن.
ھن دؤر جي وڏي گلوڪار سونو نگم هڪ انٽرويو دوران چيو هو ته:” ننڍپڻ ۾ اسان رفيع صاحب، لتا جي، آشا جي، مُڪيش صاحب ۽ ڪشور دا کي ٻڌو هو ۽ اڄ به اهو ئي چئون ٿا ته انهن کان وڏو ڪو ڪونهي. پر اسان کان اڳ واري نسل، جنهن منادي، ڪي۔ايل سهگل ۽ ٻين ڳائڻن کي ٻڌو، انهن لاءِ اهي ئي سڀ کان بهتر هئا. اهڙيءَ طرح اسان کان پوءِ واري نسل، جن وشال واڊڪر، جگجيت سنگهه، پنڪج اُڌاس، اُدت نارائڻ، ڪمار سانو، الڪا ياگنڪ، ڪويتا ڪرشنمورتي ۽ انوراڌا پوڊوال کي ٻڌو ته تن لاءِ اهي ئي آواز سڀ کان وڌيڪ متاثر ڪندڙ آهن، ڇاڪاڻ ته اهي راڳي سندن شعور ۾ تنهن وقت پيهي ويا جڏهن سندن ذهن سکڻ جي مرحلن ۾ هو. ننڍڙي وهيءَ ۾ جيڪي آواز دل ۽ دماغ ۾ گهر ڪري ويندا آهن، سي سڄي عمر توهان سان گڏ رهندا آهن.“
سونو نگم جي مٿئين ڳالهه سان مان سئو سيڪڙو اتفاق ڪريان ٿو، ڇاڪاڻ ته جڏهن پاڻ ننڍڙي وهيءَ ۾ سکڻ واري مرحلي مان گذري رهيا هئاسين، تڏهن ڪنن ڪجهه اهڙا ٻول ٻڌا هئا، جو ڪوئي به ٻڌي ته سُڌ ٻُڌ وساري ويهي ۽ مست ٿي وڃي، سي ٻول هئا:
”
جادو هي، نشا هي،
مڌهوشيان…
تُجهه ڪو ڀُلا ڪي اَب جائون ڪهان؟“
اهو رڳو لفظن جو اثر هو يا انهن لفظن کي پنهنجي مٺڙي آواز ۾ جڙيندڙ شريا گھوشال جو جادو؟ مان نه تڏهن سمجهي سگهيو هئس، نه اڄ سمجهي سگهيو آهيان، جيتوڻيڪ هي ٻول ٻڌي به ٻه ڏهاڪا گذري ويا آهن ۽ اڄ تائين مان ان آواز جي سحر مان پاڻ آجو نه ڪرائي سگهيو آهيان.
هونئن ته شريا کي ڪيئي لوڪ ڀارت جي عظيم ڳائڻي قرار ڏين ٿا، پر هوءَ پاڻ محسوس ڪري ٿي ته کيس اڃا گهڻو ڪم ڪرڻو آهي.
شريا گھوشال پنهنجي، پنهنجن وڏڙن سان ٿيندڙ ڀيٽ کي به قبول نٿي ڪري ۽ چوي ٿي: ”اها ڳالهه منهنجي لاءِ هڪ ڪن مان ٻڌي ٻئي ڪن مان ڪڍي ڇڏڻ جهڙي آهي.“
دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ ڪروڙين چاهيندڙن، انيڪ هِٽ گيتن ۽ انيڪ اعزازن باوجود هوءَ سمجهي ٿي ته نئين نسل لاءِ مٿس هڪ وڏي ذميواري لاڳو ٿئي ٿي.
ڇو ته هڪ نسل اهڙو به آهي جنهن گريٽسٽ آف آل ٽائم لتا منگيشڪر کي نه ٻڌو آهي. هوءَ سندس ڳايل گيت جهونگاريندي آهي ۽ انهن بابت ويچاريندي آهي، ڇاڪاڻ ته هوءَ ڄاڻي ٿي ته پنهنجن عظيم فنڪارن جي ڇڏيل ورثي کي ڪيئن ڀيٽا پيش ڪبي آهي.
هوءَ لتا منگيشڪر ۽ آشا ڀوسلي کي پنهنجو ”گرو“ مڃي ٿي ۽ حقيقت ۾ سندن موسيقي جو هڪ حصو پنهنجي گائڪي ۾ شامل ڪري ايندڙ نسل تائين پهچائي رهي آهي.
شريا پاڻ چوي ٿي ته: ”مون سڄي دنيا جا ڪيئي فنڪار ٻڌا آهن ۽ مون کي خبر آهي ته جيڪو به ڪمال ۽ خوبصورتي انهن ليجنڊز تخليق ڪئي آهي، اها بي مثال آهي. مان هر گهڙي انهن کان متاثر ٿيندي ۽ سکندي رهندي آهيان، پر مان ڄاڻان ٿي ته اڃا گهڻو ڪجهه ڪرڻو آهي، مان ڪوڙي عاجزي نٿي ڏيکاريان، پر اها حقيقت آهي.“
قدرت هن کي نه رڳو دلڪش آواز ۽ حسين صورت بخشي آهي، پر کيس باوقار سيرت سان به نوازيو آهي، منجهس اها نهٺائي آهي، جيڪا شهرت جون بلنديون ڇهڻ کانپوءِ کوڙ ماڻهن مان وڃائي ويهندا آهن.
هونئن ته هوءَ ٽڻڪ به آهي ۽ رعبدار به، ڀوڳائي به آهي ۽ ايتري حساس پڻ آهي جو ڪنهن جي اکين منجهه ڳوڙها ڏسي پاڻ به لڙڪ لاڙي ويهندي آهي.
جيڪڏهن توهان کيس ڪنهن ميوزڪ شو ۾ جج طور ڏٺو هوندو ته ضرور محسوس ڪيو هوندو ته هوءَ اميدوارن جي اصلاح ڪيئن تڪي توري ڪندي آهي.
هوءَ رڳو غلطين جي نشاندهي ناھي ڪندي، پر اهو به سمجهائيندي آهي ته نوٽ ڪيئن هئڻ گهرجي، سُر هتي نه پر اتي هجڻ کپي يا لفظن جي ادائيگي ڪيئن هئڻ گهرجي، جنهن مان ظاهر ٿئي ٿو ته هوءَ رڳو گلوڪارا نه، پر موسيقي، شاعري، ٻولن جي گهرائي ۽ احساسن کي به سمجهي ٿي.
هڪ سڄو سارو نسل سندس ديوانو آهي، ڪنهن پهرين محبت ويل ”بيري پِيا“ ٻڌو هوندو، ته ڪنهن:
”رشتا نيا رَبا دل ڇُهو رھا ھي،
کيچي مُجهي ڪوئي ڊور،
تيري اوور،
تيري اوور،
تيري اوور هائي رَبا…“ ۾ محبت جي معصوميت پسي هوندي.
۽ ڪيئي اسان جهڙا ٻاٿون کائيندڙ مجنون به هوندا، جيڪي ڳوٺ جي گهٽين ۽ چؤنڪن تي بيهي ڳائيندا هئا:
”اگر تم مل جائو،
زمانا ڇور دينگي هم“
يا هو دل سڙيا، جن جي منن مان خاموشي ويلي آهه نڪرندي هئي ۽ هو ڳائيندا هئا:
”منزلين رسوا هين،
کويا هي راستا…“
شريا اَڄُ جيون جون 41 بهارون ماڻي چڪي آهي، هن سڀ کان پهرين ميوزڪ انڊسٽري ۾ مضبوط جاءِ ٺاهي ۽ پوءِ پنهنجي ننڍپڻ جي دوست شيلادتيه مکوپاڌيائي سان لانئون لڌيون، اڄ جوڙي کي هڪ پٽ جو اولاد آهي.
جيڪڏهن سندس مقبوليت جي ڳالهه ڪجي ته هوءَ فوربس ڀارت جي 100 مشهور شخصيتن جي فهرست ۾ پنج ڀيرا شامل رهي آهي ۽ سندس ميڻ مان ٺهيل مجسمو دهلي جي مادام تساد ميوزيم ۾ رکيل آهي.
شريا پنهنجي ڪيريئر دوران سوين ايوارڊز ماڻي چڪي آهي، وڪيپيڊيا موجب، هن هيل تائين 291 کان وڌيڪ ايوارڊز پنهنجي نالي ڪيا آهن، جڏهن ته کيس 741 کان وڌيڪ ڀيرا مختلف ايوارڊز لاءِ نامزد پڻ ڪيو ويو آهي.
شريا ”چِڪني چَميلي“، ”او لا لا“، ”هاءِ چَڪا چَڪ هون مين“ ۽ ”مين ني پِي رکي هي“ جهڙن گيتن کي رڳو تفريحي ۽ مزاحيه قسم جا گانا سمجهي ٿي، جيتوڻيڪ اهي سندس ورسٽائل هئڻ جو ثبوت آهن.
شريا جو آواز وقت سان گڏ وڌيڪ نکرندو پيو وڃي، هوءَ ان سفر ڏانهن وکون وڌائي رهي آهي جتان هوءَ عظيم کان عظيم تر بڻجندي.
اهڙا ڪيترائي آواز هئا، جن ڪجهه گهڙين لاءِ دل تي اثر ڇڏيو، پوءِ وقت جي وٺ پڪڙ ۾ ڪٿي گم ٿي ويا، پر شريا؟ هوءَ هر لمحي مون سان گڏ هلندي رهي آهي جيئن:
”دَبي دَبي پائون سي،
آئي هولي هولي زندگي“
هوءَ ”هيکلائي ۾، درد ۾، رسوائيءَ ۾“به مون سان ساڻ هوندي آهي، پر جڏهن مان ٿڪجي پوندو آهيان ته هڪ آواز ايندو آهي:
”تم سا ملي جو ڪوئي رهگذر،
دنيا سي ڪون ڊري؟
چار قدم ڪيا ساري عمر،
چل دونگي ساٿ تيري…“
اهي ماڻهو جيڪي سندس آواز آڌر ساهُه کڻن ٿا، جڏهن پنهنجي اندر ۽ ماضيءَ ڏانهن ورندا، اهي ڳليون، اهي چؤنڪ ساريندا، جڏهن وسريل پل کين پاڻ ڏانهن ڇڪيندا، تڏهن هو سندس ڪو پراڻو گيت جهونگاريندا ۽ ائين محسوس ڪندا جيئن ڪو وڇڙي ويل واپس اچي ويو هجي، ڪو خواب ٻيهر زنده ٿي ويو هجي، ڪجهه آواز وقت جي قيد کان آجا هوندا آهن ۽ شريا جهڙن فنڪارن جا گيت ڪنن سان ٻڌڻ ۽ منَ سان محسوس ڪرڻ لاءِ هوندا آهن.
اڄ شريا جو جنم ڏڻ آهي ۽ ڌرتي تي موجود سندس آواز سان پريم ڪندڙ پنهنجي پنهنجي انداز سان اهو ڏينهن ملهائي رهيا آهن، پر مان رڳو سندس ٿورا مڃڻ چاهيان ٿو، انهن خوشين لاءِ جيڪي هن اسان کي ارپيون آهن، انهن يادن لاءِ جن کي سندس گيتن وسيلي جيئڻ جو موقعو مليو، ھائو، ڪجهه يادون وقت سان گڏ زنگجي وينديون آهن، پر سندس آواز انهن گهڙين کي هميشه لاءِ امر بڻائي ڇڏيو آهي، شايد زندگي اسان کي اهو احساس پاڻ نه ڏئي سگهي ها، جيڪي سندس گيتن ذريعي اسان ماڻيا آهن.
”ڪيا خوب رَب ني ڪيا،
بن مانگي اتنا ديا،
ورنه ھي ملتا ڪهان
هم ڪافرون ڪو خدا…“
You might also like