آبنائي هرمز بند، پاڪستان ڳاڙهي سمنڊ رستي تيل گهرائڻ شروع ڪري ڇڏيو

رياض (م ڊ) آبنائي هرمز بند ٿيڻ کان پوءِ پاڪستان ڳاڙهي سمنڊ رستي تيل گهرائڻ شروع ڪري ڇڏيو، پي اين ايس سي جو جهاز سعودي بندرگاهه ينبع پهچي ويو، 73 هزار ٽن خام تيل سان ڪراچي روانو ٿيندو، ذريعن موجب پاڪستان نيشنل شپنگ ڪارپوريشن جو جهاز سعودي عرب ينبع بندرگاهه پهتو، جتان اهو جهاز پاڪستان لاءِ 73 هزار ٽن خام تيل کڻي اڄ تائين ڪراچي لاءِ روانو ٿيندو، شپنگ ذريعن موجب پي اين ايس سي جو هڪ ٻيو جهاز شالامار وار زون مان تيل لوڊ ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو، ذريعن جو چوڻ آهي ته شالامار جهاز  فجيرا مان تيل کڻي ڪراچي ڏانهن روانو ٿي ويو آهي، جڏهن ته هرمز جي بندش سبب پي اين ايس سي جا ٻه جهاز ڪراچي ۽ چارٽر پي الڪي ڦاسي پيا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.