يوم علي جي موقعي تي ٺٽي ۾ ريلي، رياض شاهه شيرازي به شريڪ

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ جي اوقاف، مذهبي معاملن، زڪوات ۽ عشر واري وزير سيد رياض حسين شاهه شيرازي، حضرت امام علي ابن ابو طالب جي يومِ شهادت جي موقعي تي ٺٽي مان ڪڍيل مرڪزي جلوس ۾ شرڪت ڪئي ۽ عظيم اسلامي علمبردار کي خراجِ عقيدت پيش ڪيو. ان موقعي تي جاري ڪيل پنهنجي پيغام ۾ هن چيو ته حضرت علي رضه جي سيرت اسلام جي اعليٰ اصولن، عدل و انصاف، علم و حڪمت ۽ شجاعت جو روشن نمونو آهي. هن وڌيڪ چيو ته حضرت علي رضه رسول اڪرم ﷺ جا ويجها ساٿي ۽ اهلِ بيت جا ممتاز فرد هئا، جن پنهنجي سموري زندگي اسلام جي سربلندي، حق جي پاسداري ۽ مظلومن جي مدد لاءِ وقف ڪري ڇڏي. صوبائي وزير چيو ته حضرت علي رضه جي علمي بصيرت، شجاعت ۽ تقويٰ اسلامي تاريخ ۾ هڪ منفرد ۽ باوقار مقام پيدا ڪيو. هن جنگ جي ميدان ۾ بي مثال جرات جو مظاهرو ڪيو ۽ هر ڏکي مرحلي تي حق ۽ عدل جو جهنڊو بلند رکيو، هن وڌيڪ چيو ته خلافت واري دور ۾ به حضرت علي رضه عدل، رواداري ۽ خدمتِ خلق کي پنهنجي سڃاڻپ بڻايو. پاڻ هميشه سچائي، صبر ۽ برداشت کي هٿي ڏني. سندن شهادت امتِ مسلمه لاءِ هڪ وڏو سانحو آهي، پر سندن تعليمات اڄ به مسلمانن لاءِ رهنمائي جو روشن منارو آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.