اسلام آباد/تهران(ع آ نيوز) ايراني صدر مسعود پزشڪيان چيو آهي ته خطي جي ٻين ملڪن سان تڪرار ۾ پوڻ جو ڪو ارادو ناهي. ايراني صدر سان شهباز شريف ڳالهه ٻول ڪئي.ايراني ميڊيا موجب، ايراني صدرمسعود پزشڪيان وزيراعظم شهباز شريف سان گفتگو ڪئي آهي. ڳالهه ٻولهه دوران مسعود پزشڪيان چيو ته جيڪڏهن عالمي برادري جنگ جي ذميوارن تي ڌيان نه ڏيندي ته عالمي نظام ۽ سيڪيورٽي کي سنگين خطرا پيش اچي سگهن ٿا. ايراني صدر جو چوڻ هو ته ايران جو خطي جي ٻين ملڪن سان ڪنهن به تڪرار ۾ پوڻ جو ڪو ارادو ناهي.